Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 46

46
مصر متعلق پيغام
1هي آهي خداوند جو اهو فرمان جيڪو قومن جي باري ۾ مون يرمياہ تي نازل ٿيو، 2#يس 19‏:1‏-25، حز 29‏:1‏–32‏:32 جنهن جي شروعات مصر جي باري ۾ ٿئي ٿي. هائو، اهو مصر جي نڪوہ نالي فرعون جي لشڪر جي باري ۾ آهي، جنهن کي ڪرڪميس شهر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني هئي. اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال ٿيو.
3خداوند فرمائي ٿو تہ
”مصر جا سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڪن تہ
’پنهنجيون ڍالون تيار ڪريو ۽ جنگ لاءِ نڪري هلو.
4گھوڙن تي سنج وجھي مٿن سوار ٿيو.
پنهنجا لوها ٽوپ پائي جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيهو.
پنهنجن نيزن کي تيز ڪريو ۽ زرهون پائي ڇڏيو.‘
5پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟
مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن،
هو پٺ تي هٽي ويا آهن.
هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن.
هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن.
هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.
6جيڪي ڀڄڻ ۾ تکا آهن سي ڀڄڻ کان قاصر آهن،
بهادر بہ بچي نڪرڻ جي سگھہ کان محروم آهن.
اتر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو ٿاٻڙبا ڪرندا ٿا وڃن.
7‏-8مصر وارن سوچيو ٿي تہ
’اسين ٻوڏ وانگر چڙهندا وينداسين،
۽ ڌرتيءَ کي ڍڪي ڇڏينداسين.
اسين شهرن کي سندن رهاڪن سميت ناس ڪري ڇڏينداسين.‘
هو ڪيئن نہ نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر مٿي چڙهندا ٿي آيا،
۽ درياءَ جي ڇولين جيان سندن لشڪر اٿل ٿي کاڌي.
9سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ
’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو.
اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو.
اوهين اي #46‏:9 سوڊان عبرانيءَ ۾ ”ڪُوش“ لکيل آهي. انهن ڏينهن ۾ هي علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو.سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو،
۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو،
هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“
10اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي،
اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي.
انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو.
سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي،
ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي.
انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾
فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.
11اي مصر وارؤ! اوهين هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهيو،
جيڪا ڀلي پنهنجي لاءِ دوا وٺڻ واسطي
# 46‏:11 جِلعاد هي علائقو اردن درياءَ جي اوڀر ۾ آهي، جتي مختلف جڙي ٻوٽين مان هر طرح جون دوائون تيار ڪيون وينديون هيون. جِلعاد ڏانهن پيئي ڊوڙي.
هائو، هوءَ طرح طرح جون دوائون ڪم ٿي آڻي،
جيڪي بلڪل بي‌فائدي آهن،
ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ شفا تہ آهي ئي ڪونہ.
12قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي،
۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي.
اي مصر وارؤ!
اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.
نبوڪدنضر جي مصر تي ڪاهہ
13 # ير 43‏:10‏-13 هي آهي اهو پيغام جيڪو خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ڪيئن اچي مصر ملڪ کي شڪست ڏيندو. 14خداوند ٿو فرمائي تہ
”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر،
بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ
’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو،
ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي
ڳڙڪائيندي ٿي اچي.
15ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟
ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟
خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘
16پر مصري لشڪر وارا ٺوڪرون کائي
هڪٻئي تي ڪرن ٿا ۽ چون ٿا تہ
’اُٿو تہ ظالم جي تلوار کان ڀڄي
پنهنجي قوم ۽ پنهنجي وطن ڏانهن هلون.‘
17پوءِ مصر جي فرعون کي
’ٻٽاڪي فرعون‘ جي لقب سان سڏيو ويندو،
ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي هٿان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.“
18اُهو بادشاهہ،
جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي،
سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ
”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي،
۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي،
تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي،
جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.
19سو اي مصر جا رهاڪؤ!
قيد ٿي جلاوطن ٿيڻ لاءِ پنهنجا هنڌ ٽپڙ ٻڌي رکو،
ڇاڪاڻ تہ نوف شهر ويران ٿيندو،
۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.
20مصر هڪڙي ڏاڍي سهڻي گابيءَ مثل آهي،
پر اتر مان هڪڙي ڏنگيندڙ مک مٿس حملو ڪرڻ لاءِ اچي ٿي.
21مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن،
سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا.
اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن،
ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي،
يعني سندن سزا جو وقت.
22مصر وارا ائين ٿا ڀڄن،
جيئن ڪو ڀڄندڙ نانگ سرڙاٽ ڪندو ويندو آهي،
ڇاڪاڻ تہ دشمن لشڪر هنن ڏانهن وڌندا ٿا اچن،
هائو، اهي ڪاٺيرن وانگر ڪهاڙا کڻي مٿن ڪاهيو ٿا اچن.
23هو کين ائين وڍي اڇلائين ٿا،
جيئن ٻيلي ۾ واڍي وڌي ويندي آهي،
پوءِ اهو ٻيلو ڪيترو بہ گھاٽو ڇو نہ هجي.
اهي دشمن مڪڙن جي ڪٽڪن کان بہ گھڻا آهن،
بلڪ بي‌شمار آهن.
24مصر وارا خوار خراب ڪيا ويندا،
اهي اتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
25قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ نوآمون نالي شهر واري معبود آمون کي توڙي فرعون، مصر وارن، سندن معبودن، سندن اتحادي بادشاهن ۽ جيڪي فرعون تي ڀاڙين ٿا تن سڀني کي سزا ڏيندس. 26آءٌ انهن کي سندن جاني دشمنن، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر وارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. پر بعد ۾ مصر ملڪ وري آباد ٿي ويندو جيئن اهو قديم زماني ۾ هوندو هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
خداوند جو پنهنجي قوم کي بچائڻ
27 # ير 30‏:10‏-11 خداوند ٿو فرمائي تہ
”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ،
هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو.
يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس،
يعني اوهان جي اولاد کي
سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس.
اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا.
اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.
28اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.
توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس،
جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم،
تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس.
ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس.
هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 46: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 46