Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 45

45
خداوند جو باروڪ سان واعدو
1 # 2.با 24‏:1، 2.توا 36‏:5‏-7، دان 1‏:1‏-2 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جڏهن مون باروڪ ولد نيرياہ کي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ خداوند جو پيغام لکرايو، تڏهن مون يرمياہ کيس هي چيو تہ 2”اي باروڪ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا تو لاءِ هڪڙو پيغام ڏنو آهي. 3جيئن تہ تون چوين ٿو تہ ’مون سان ويل آهي. خداوند منهنجي درد کي وڌايو آهي. آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ۽ آرام ڪونہ ٿو مليم،‘ 4سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’جيڪي مون اڏيو آهي تنهن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو پاڙان پٽي ٿو ڪڍان. سو آءٌ سڄي دنيا ۾ ائين ئي ڪندس. 5تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“

Currently Selected:

يرمياہ 45: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 45