38
يرمياہ جو کوهہ ۾ اڇلائجڻ
1صدقياہ بادشاهہ جي عملدارن سفطياہ ولد متان، جِدلياہ ولد فشحور، يهوڪل ولد سلمياہ ۽ فشحور ولد ملڪياہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، جيڪي مون سڀني ماڻهن کي پئي ٻڌايون. 2مون خداوند جو هي فرمان پئي ٻڌايو تہ ”جيڪو بہ هن شهر يروشلم ۾ ترسندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو، پر جيڪو هتان نڪري بابلين ڏانهن هليو ويندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.“ 3خداوند جا هي لفظ بہ مون ٻڌايا پئي تہ ”هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهو مٿس قبضو ڪري وٺندو.“
4تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بيهمت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“ 5تنهن تي صدقياہ بادشاهہ کين وراڻيو تہ ”هو اوهان جي حوالي آهي، آءٌ اوهان جي راءِ جي مخالفت ڪري نہ ٿو سگھان.“ 6سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.
7عبدملڪ سوڊاني، جيڪو بادشاهہ جي محل ۾ ملازم هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ مون کي کوهہ ۾ اڇلايو ويو آهي، انهيءَ وقت بادشاهہ شهر جي بنيامين دروازي وٽ درٻار لڳايو ويٺو هو. 8تڏهن عبدملڪ محل مان نڪري وڃي بادشاهہ کي عرض ڪيو تہ 9”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“ 10تڏهن عبدملڪ کي بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”تون هتان پاڻ سان ٽي ماڻهو وٺي وڃ ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳ ۾ ئي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي وٺ.“
11سو عبدملڪ سوڊاني پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي محل ۾ خزاني واري ڪمري جي هيٺان ويو. اتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ۽ پراڻيون اڳڙيون ڪڍيون ۽ اهي رسن ذريعي هيٺ لاهي مون کي ڏنائين. 12عبدملڪ مون کي چيو تہ ”اهي پراڻيون اڳڙيون ۽ ڦاٽل ڪپڙا رسن ۽ پنهنجي بغلن جي وچ ۾ رک.“ مون ائين ئي ڪيو. 13اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.
يرمياہ نبيءَ کان ٻيهر پڇا ڳاڇا
14پوءِ صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي مون يرمياہ کي خداوند جي گھر جي ٽئين دروازي وٽ پاڻ وٽ گھرايو. بادشاهہ مون کي چيو تہ ”آءٌ تو کان هڪڙي ڳالهہ پڇان ٿو، مون کان ڪجھہ بہ نہ لڪائجانءِ.“ 15تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ تو کي صحيح جواب ڏيان تہ ڇا تون مون کي مارائي نہ ڇڏيندين؟ ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ آءٌ تو کي چڱي صلاح ڏيندس، تہ بہ تون منهنجي نہ ٻڌندين.“ 16پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“
17تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ مڃيندين تہ پوءِ تو کي جيئدان ملندو ۽ تون ۽ تنهنجو خاندان جيئرا رهندءُ. تڏهن هن شهر کي بہ نہ ساڙيو ويندو. 18پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“
19بادشاهہ صدقياہ مون کي چيو تہ ”آءٌ انهن يهوداہ وارن کان ڊڄان ٿو، جيڪي غداري ڪري بابلين سان وڃي مليا آهن، ڇاڪاڻ تہ ٿي سگھي ٿو تہ بابلي مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ اهي مون سان خراب هلت هلن.“ 20تنهن تي مون کيس وراڻيو تہ ”هو تو کي انهن جي حوالي نہ ڪندا. تون خداوند جو هي حڪم مڃ، جيڪو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو. پوءِ تنهنجو ڀلو ٿيندو ۽ تو کي جيئدان ملندو. 21پر جيڪڏهن تون بابلين جي آڻ مڃڻ کان انڪار ڪندين تہ پوءِ ٻڌ، خداوند مون تي ظاهر ڪيو آهي تہ 22جيڪي عورتون تو يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ بچيل آهن سي سڀ بابل جي بادشاهہ جي سالارن جي حوالي ڪيون وينديون. انهيءَ وقت اهي عورتون تو تي ٺٺوليون ڪري چونديون وينديون تہ
’تنهنجي خيرخواهن کان تو کي دوکو مليو،
هو تو تي غلبو حاصل ڪري وٺندا هئا.
سو هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپجي ويا آهن،
تڏهن اهي تو کي ڇڏي ڀڄي ويا آهن.‘
23پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“
24تڏهن صدقياہ مون کي چيو تہ ”هن گفتگوءَ متعلق ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي، نہ تہ ٿي سگھي ٿو جو تون ماريو وڃي. 25جيڪڏهن عملدارن کي معلوم ٿي ويو تہ مون تو سان ڪا ڳالهہ ٻولهہ ڪئي آهي، تہ پوءِ اهي تو وٽ اچي تو کان پڇندا تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ تو بادشاهہ کي ڇا چيو آهي ۽ بادشاهہ تو کي ڇا چيو آهي. تون اسان کان ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.‘ 26تڏهن تون کين ٻڌائج تہ ’مون بادشاهہ کي منٿ ميڙ پئي ڪئي تہ مون کي يونتن جي گھر واري قيدخاني ۾ واپس نہ موڪليو وڃي، جو آءٌ اتي مري ويندس.‘“
27سو جڏهن سمورا عملدار واقعي مون وٽ آيا ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪيائون، تڏهن مون کين اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو، جيڪو بادشاهہ مون کي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو. سو هنن مون کي وڌيڪ ڪي بہ ڪين چيو، ڇو تہ بادشاهہ سان ٿيل منهنجو گفتگو ڪنهن بہ نہ ٻڌو هو.
28 #
حز 33:21
اهڙيءَ طرح آءٌ ان ڏينهن تائين شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد رهيس، جيستائين يروشلم تي ٻين جو قبضو ٿي ويو.