”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“ تڏهن عبدملڪ کي بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”تون هتان پاڻ سان ٽي ماڻهو وٺي وڃ ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳ ۾ ئي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي وٺ.“