39
يروشلم جو زوال
(2.بادشاهَہ 25:1-7)
1 يروشلم تي هيئن قبضو ٿيو جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال جي ڏهين مهيني ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر ساڻ ڪري يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيو. 2هنن صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي شهر جي ڀت ڀڃي وڌي. 3تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگلسراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگلسراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.
4جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڄي لشڪر بابلين کي شهر اندر گھڙندي ڏٺو تڏهن وٺي ڀڳا. هو رات جي وڳڙي ۾ بادشاهہ جي باغ واري رستي کان ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا ۽ اردن ماٿري ڏانهن کڻي رخ رکيائون. 5پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو. 6تڏهن اتي ربلہ شهر ۾ صدقياہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يهوداہ جا سڀ امير بہ مارائي ڇڏيائين. 7پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.
8بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون. 9شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. 10پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.
يرمياہ نبيءَ جو قيد مان آزاد ٿيڻ
11ان وقت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان کي هي حڪم ڏنو تہ 12”تون يرمياہ کي قيد مان ڪڍي وڃي سندس سنڀال ڪر، کيس ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائج. هو تو کي جيڪي چوي سو سندس لاءِ ڪج.“ 13سو نبوزرادان، نبوشزبان، ٻيو نيرگلسراضر ۽ بابل جي بادشاهہ جي ٻين اعليٰ علمدارن پنهنجا ڪي ماڻهو موڪلي 14مون کي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري مان گھرائي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن جي حوالي ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائون تہ ”يرمياہ کي موٽائي سندس گھر ڇڏي اچ.“ اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم وارن سان گڏ رهڻ لڳس.
عبدملڪ لاءِ خدا جو واعدو
15جڏهن آءٌ شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ 16”اي يرمياہ! تون وڃي عبدملڪ سوڊانيءَ کي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ پنهنجيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون نہ، بلڪ اڳ مقرر ڪيل مصيبت واريون ڳالهيون هن شهر تي آڻي پوريون ڪرڻ وارو آهيان. هائو، اهي مقرر ڏينهن تي تنهنجي اکين اڳيان پوريون ٿينديون. 17پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس. 18هائو، آءٌ تو کي محفوظ رکندس. سو تون قتل نہ ڪيو ويندين ۽ تنهنجي جان بچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون تي ڀروسو رکندڙ آهين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“