Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 2

2
خدا جو بني اسرائيل جي سار سنڀال لهڻ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ
’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي،
جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا،
هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم،
جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا.
اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين
غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.
3اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا،
اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص،
۽ #2‏:3 فصل جي پهرين پيداوار شريعت مطابق ڪنهن بہ فصل جي پهرين پيداوار خداوند لاءِ ئي مخصوص هوندي هئي (ڏسو خروج 23‏:19).فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا.
مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو،
جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن جو گناهہ
4اي يعقوب جو اولاد! اي بني اسرائيل جا قبيلؤ! اوهين خداوند جو پيغام ٻڌو. 5خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي،
جو هو مون کان ڦري ويا؟
هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.
6هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي،
توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو،
بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس،
يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس،
هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو.
اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو
۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.
7مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو
تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين.
پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو،
يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.
8 ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو،
جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو.
اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي.
نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا،
۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“
خداوند جو پنهنجي قوم خلاف مقدمو
9”تنهنڪري آءٌ خداوند
پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس،
هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.
10اي منهنجي قوم!
اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس،
اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس،
تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو
11اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن،
جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن.
پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي،
بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.
12سو اي آسمانؤ! هيبت وچان ڪنبڻ لڳو،
عجب کائو ۽ ششدر ٿيو.
13انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن:
هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن،
ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون،
جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“
بني اسرائيل جي بي‌وفائيءَ جو نتيجو
14”بني اسرائيل قوم نہ تہ زرخريد ٻانهي آهي،
۽ نہ وري اها پيدائشي غلام هئي،
تہ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري انهيءَ کي لٽيو ڦريو ويو؟
15غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا،
۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون.
سندس شهر ساڙيا ويا،
ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.
16هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس
بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.
17اي بني اسرائيل!
ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟
ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو،
جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.
18هاڻي نيل نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ
مصر ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟
يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ
اشور ملڪ ڏانهن وڃڻ مان تو کي ڪهڙو فائدو آهي؟
19ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ
تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي،
تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي.
سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ
مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي
تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي،
ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“
بني اسرائيل جو خداوند کي ڇڏي ڏيڻ
20خداوند خدا فرمائي ٿو تہ
”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم!
گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي،
۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا.
پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘
جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي
۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ
ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.
21مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان
انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو،
پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ
جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟
22هاڻ تون ڪيتري بہ صابڻ سان غسل ڪرين،
۽ کڻي ڪيترو ئي پاڻ کي کار سان ڌوئين،
تہ بہ منهنجي نظر ۾
تنهنجي بدڪاريءَ جو چُٽو تو تان ڪين لهندو.
23تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي،
نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟
ياد ڪر، تو #2‏:23 ماٿريءَ ۾ گھڻو ڪري هي هنوم جي ماٿري آهي، جتي بني اسرائيل بت‌پرستي ڪندا هئا (ڏسو يرمياہ 7‏:31، 32‏:35 ۽ 2.بادشاهَہ 23‏:10).ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو.
تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.
24تون بيابان جي هِريل انهيءَ گڏهِہ جيان آهين،
جيڪا پنهنجي شهوت جي پورائي لاءِ نوسيندي وتندي آهي،
جڏهن وهر کڻيس ٿي تہ پوءِ ڪير ٿو کيس روڪي سگھي؟
ڪوبہ نر ان جي پٺيان لڳي پاڻ کي ڪين ٿڪائيندو،
ڇو تہ لڳ جي وقت تي اُها پنهنجو پاڻ کيس هٿ اچي ويندي.
25اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم!
ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ،
نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ.
پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس.
مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي
۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“
اسرائيل وارا سزا جا حقدار
26خداوند خدا فرمائي ٿو تہ
”جيئن ڪو چور پڪڙجي پوڻ تي خوار خراب ٿيندو آهي،
تيئن ئي اوهان بني اسرائيل وارا پنهنجن بادشاهن ۽ اميرن،
ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت خوار خراب ٿيا آهيو.
27اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘
۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘
اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي،
پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا
تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘
28ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن،
جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟
جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن
تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين.
اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن
اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“
29 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟
جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ
منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.
30مون اجايو اوهان کي سزا ڏني،
جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ.
اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي
شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.
31اي هن پيڙهيءَ وارؤ!
مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو.
ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ
اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟
ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ
اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟
تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ
’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين
۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘
32ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور
يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟
پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.
33اي منهنجي قوم!
عاشقن کي ڳولي لهڻ ۾ تون ڪيڏي نہ ماهر آهين.
بيشڪ بدڪار عورتون بہ تو کان ئي سکيون آهن.
34ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ
بي‌گناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.
35انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ
’آءٌ بي‌گناهہ آهيان،
يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘
پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس،
ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.
36تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي
ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين!
جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي
تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.
37تون پنهنجي وطن مان بہ قيد ٿي نڪرندينءَ،
ڇاڪاڻ تہ جن تي تنهنجو ڀروسو آهي
تن کي مون خداوند رد ڪيو آهي.
انهن کان تو کي ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“

Currently Selected:

يرمياہ 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 2