25
ستر سال جلاوطنيءَ جي اڳڪٿي
1 #
2.با 24:1، 2.توا 36:5-7، دان 1:1-2 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو. 2سو مون يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ 3”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻٻڌو پئي ڪيو آهي. 4جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ. 5انهن نبين چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي خراب رستي ۽ بڇڙن ڪمن کان باز اچي تہ جيئن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهي سگھو، جيڪو ملڪ خداوند پراڻي زماني کان هميشہ هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي. 6اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘ 7پر خداوند جو فرمان آهي تہ اوهان ڏانهس ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، اٽلندو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪري سندس ڪاوڙ کي ڀڙڪايو اٿوَ ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان رسايو اٿوَ.
8تنهنڪري ئي قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي يهوداہ وارؤ! جيئن تہ اوهان منهنجي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي، 9سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس. 10#ير 7:34، 16:9، مڪا 18:22-23 آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس. 11#2.توا 36:21، ير 29:10، دان 9:2 هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘
12 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس. 13آءٌ انهيءَ ملڪ تي اهي سڀ برباديون آڻيندس جيڪي انهيءَ جي خلاف آءٌ اڳي ئي چئي چڪو آهيان، يعني اهي سڀ جيڪي يرمياہ نبيءَ سڀني قومن جي خلاف پيشنگوئيون ڪري ٻڌايون هيون ۽ جيڪي سندس ڪتاب ۾ لکيل آهن. 14اهي پاڻ گھڻين ئي قومن ۽ وڏن بادشاهن طرفان غلام بڻايا ويندا. آءٌ انهن کي سندن عملن ۽ هٿن جي ڪم موجب بدلو ڏيندس.‘“
خدا جي غضب جي پيالي جو مثال
15 خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ هن فرمايو تہ ”اي يرمياہ! منهنجي هٿان مئي جو هي پيالو وٺ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي. اهو انهن سڀني قومن کي وڃي پيئار، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو. 16تڏهن اهي مست ٿي پوندا ۽ ٿيڙ کائڻ لڳندا، انهيءَ جنگ جي سبب جيڪا آءٌ منجھن موڪليندس.“
17سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو. 18شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تانتہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن. 19انهن کان علاوہ مون غضب جو اهو پيالو هنن کي پيئاريو: مصر جو بادشاهہ #25:19 فرعون هي مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فرعون، سندس نوڪر، سندس عملدار، ان جي سڄي قوم 20۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو، 21ادوم ۽ موآب ملڪن جا ماڻهو، بني عمون، 22صور ۽ صيدا جا سڀ بادشاهہ، ڀونوچ سمنڊ جي پرينءَ ڀر جا سڀ بادشاهہ، 23ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي #25:23 لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا بيابان ۾ رهڻ وارا اهي ماڻهو پنهنجي معبودن جي تعظيم خاطر پنهنجي لوندڙين جا وار ڪوڙائيندا هئا. بني اسرائيل لاءِ انهيءَ غير قومن واري رسم جي منع هئي (ڏسو لاوي سرشتو 19:27).لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا، 24عربستان جا سڀ بادشاهہ ۽ بيابان ۾ رهندڙ قبيلن جا سڀ بادشاهہ، 25زمري، عيلام ۽ مادئين جا سڀ بادشاهہ، 26اترادي اوريان ۽ پريان سڀ بادشاهہ. مطلب تہ روءِزمين جي سڀني بادشاهتن کي هڪٻئي پٺيان خدا جي غضب جو اهو پيالو پيئاريم. انهن سڀني کان آخر ۾ بابل جي بادشاهہ کي بہ اهو پيالو پيئڻو پيو.
27اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“ 28خداوند مون کي هي بہ فرمايو هو تہ ”جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيالو وٺي پيئڻ کان انڪار ڪن تہ پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند جو هي حڪم ٻڌائي ڇڏج تہ ’اوهان کي اهو ضرور پيئڻو پوندو. 29ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي ٿو سڏجي، تنهن ۾ ئي آءٌ مصيبت آڻڻ وارو آهيان تہ پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو سزا کائڻ کان ڇٽي سگھو! اوهين سزا کائڻ کان هرگز بچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ روءِزمين تي رهندڙن مٿان جنگ آڻڻ وارو آهيان. مون قادرِمطلق خداوند جو اهو فرمان آهي.‘“
30پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ
’خداوند آسمان مان گجندو،
هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو.
هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو،
بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو،
جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.
31ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي،
ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو.
هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو
۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو.
اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“
32قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين
پکڙبي ٿي وڃي.
هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان
هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“
33انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.
يهوداہ جي اڳواڻن لاءِ سزا
34اي اڳواڻؤ! واءِويلا ڪريو ۽ روئو رڙو.
هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم،
يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو،
سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن.
اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.
35هاڻ اي ڌنارؤ! اوهان کي ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي نہ ملندو،
هائو، اي قوم جا اڳواڻؤ!
اوهان کي بچڻ لاءِ ڪابہ پناهہگاهہ نہ ملندي.
36-37هاڻ چراگاهن جي تباهہ ٿيڻ تي
ڌنارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن،
هائو، ملڪ جي تباهہ ٿيڻ تي
قوم جي اڳواڻن جو روئڻ رڙڻ ٿو ٻڌجي.
انهيءَ سبب جو سندن ملڪ جيڪو سلامتيءَ واري چراگاهہ مثل هو،
سو خداوند جي خوفناڪ غضب سبب ويران ٿي ويو آهي.
38جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي،
تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي.
سو حملو ڪندڙن جي ظلم،
۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان،
هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.