1
يرمياہ جي خدمت جو دور
1هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو. 2#2.با 22:3–23:27، 2.توا 34:8–35:19 يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو. 3#2.با 23:36–24:7، 24:18–25:21، 2.توا 36:5-8، 36:11-21 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند جو فرمان مٿس وري وري نازل ٿيندو رهيو. انهيءَ کان پوءِ يهوداہ جي ٻئي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي دوران بہ يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيندو رهيو. صدقياہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال جي پنجين مهيني ۾ يروشلم جا ماڻهو جلاوطن ڪيا ويا.
يرمياہ جو نبيءَ طور چونڊجڻ
4 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ
5”جڏهن مون تو کي ماءُ جي پيٽ ۾ خلقيو،
تنهن کان اڳ ئي مون تو کي چونڊي ڇڏيو هو.
تنهنجي ڄمڻ کان اڳ
مون تو کي مخصوص ڪري دنيا کان ڌار ڪيو هو
۽ تو کي قومن جو نبي مقرر ڪري ڇڏيو هو.“
6تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“ 7تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ
”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘
بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان،
تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي،
۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي.
8تون انهن کي ڏسي کانئن هرگز نہ ڊڄ،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
9پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ
”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.
10ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي
تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين،
يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“
ٻہ رويائون
11پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“ 12تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ #1:12 سجاڳ ٿو رهان عبراني ٻوليءَ ۾ لفظ ”بادام“ ۽ ”سجاڳ“ گھڻي حد تائين هڪجهڙي اچار وارا لفظ آهن.سجاڳ ٿو رهان.“
13پوءِ خداوند ٻيو ڀيرو مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان، جنهن جو منهن اتر طرف کان هيڏانهن جھڪيل آهي.“ 14تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي. 15هائو، آءٌ ئي اتر وارين بادشاهتن جي سڀني ماڻهن کي سڏائڻ وارو آهيان. انهن جا بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندا ۽ ڪوٽ واري شهر يروشلم ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن کي چوڌاري گھيرو ڪندا. هو يروشلم جي ڪوٽ واري هر دروازي تي پنهنجو شاهي اختيار قائم ڪندا. 16آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.
17سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس. 18ڏس، اڄ مون تو کي هن سڄي ملڪ جي سامهون يعني يهوداہ جي بادشاهن، ان جي عملدارن، ان جي ڪاهنن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ هڪڙو ڪوٽ وارو شهر، لوهہ جو ٿنڀو ۽ پتل جي ڀت ڪري بڻايو آهي. 19هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“