تعارف
”يرمياہ“ نالي هي مقدس ڪتاب انهيءَ نبيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو ستين صدي قبل مسيح جي آخري ۽ ڇهين صدي قبل مسيح جي شروعاتي دور ۾ هو. هن گھڻو عرصو خدمت ڪئي ۽ ماڻهن کي خدا جي انهيءَ قهر ۽ غضب کان خبردار ڪندو رهيو، جيڪو سندن بتپرستي ۽ گناهن جي ڪري مٿن نازل ٿيڻ وارو هو. هن جي ئي ڏينهن ۾ سندس اها اڳڪٿي پوري ٿي جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿان يروشلم کي شڪست ملي ۽ شهر توڙي هيڪل کي تباهہ وَ برباد ڪيو ويو. ان کان علاوہ يهوداہ جي بادشاهہ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ڪري بابل ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. هن اها بہ اڳڪٿي ڪئي تہ ڪنهن وقت اهي جلاوطن ٿيل ماڻهو وري موٽي پنهنجي وطن ايندا ۽ قوم وري بحال ۽ آباد ٿي ويندي.
حضرت يرمياہ جو مقدس ڪتاب هيٺين چئن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: 1. يهوداہ جي ماڻهن ۽ سندن بادشاهن يوسياہ، يهويقيم، يهوياڪين ۽ صدقياہ ڏانهن خدا جو پيغام. 2. حضرت يرمياہ جي نائب باروچ جون ياداشتون، ان کان علاوہ خداوند جا مختلف پيغام ۽ اهم واقعا جيڪي حضرت يرمياہ جي ڏينهن ۾ ٿيا. 3. مختلف غير قومن لاءِ خداوند جا پيغام. 4. تواريخي حصو جنهن ۾ يروشلم جي تباهيءَ ۽ يهوداہ وارن جي بابل ڏانهن جلاوطنيءَ جو بيان آهي.
يرمياہ نبي هڪ حساس ماڻهو هو، جيڪو پنهنجيءَ قوم سان تمام گھڻو پيار ڪندو هو. ماڻهن کي سزا جو پيغام ٻڌائڻ سان کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. ان کان علاوہ هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي هن جذباتي ٿي انهن تڪليفن جي باري ۾ ٻڌايو، جيڪي نبي بڻجڻ ڪري کيس سهڻيون ٿي پيون. خدا جو فرمان حضرت يرمياہ جي دل ۾ اهڙيءَ باهہ مثل هو جو اهو ماڻهن کي ٻڌائڻ هن لاءِ ضروري هو.
حضرت يرمياہ جي هن ڪتاب ۾ هڪ اهم ۽ وڏي خوشخبري بيان ڪيل آهي تہ يرمياہ نبيءَ جي ڏکئي دور کان پوءِ اهڙو وقت ايندو جڏهن نئون عهد ٿيندو ۽ خدا جي قوم کي سکيا ڏيندڙن جي ضرورت نہ هوندي، ڇاڪاڻ تہ اهو عهد سندن دلين تي لکيو ويندو (31:31-34).
سِٽاءُ
حضرت يرمياہ جو سڏ 1:1-19
يوسياہ، يهويقيم، يهوياڪين ۽ صدقياہ بادشاهن جي حڪومتن ۾ ڏنل پيغام 2:1–25:38
حضرت يرمياہ جي ڏينهن جا واقعا 26:1–45:5
غير قومن جي خلاف پيغام 46:1–51:64
يروشلم جي تباهي 52:1-34