YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب ‮تعارف‬

تعارف
يعقوب جو هي خط عملي هدايتن جو مجموعو آهي ۽ خدا جي چونڊيل انهن ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ”هنڌ هنڌ پکڙيل“ آهن (1‏:1). خط جو ليکڪ اهو يعقوب نہ آهي جيڪو عيسيٰ مسيح جي چونڊيل ٻارهن رسولن مان هڪ هو. پر هن بابت اهو سمجھيو وڃي ٿو تہ هي اهو يعقوب آهي جيڪو عيسيٰ مسيح جو ڀاءُ ۽ يروشلم جي ڪليسيا جو اڳواڻ هو (ڏسو رسولن جا ڪم 12‏:2‏، 15‏:13 ۽ گلتين 1‏:19). ليکڪ خط ۾ ڪيترائي روشن دليل ڏئي ٿو تہ عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن جي رويي ۽ ڪردار ۾ عملي ڏاهپ جون نصيحتون هجن. مسيح تي ايمان جي بنيادي نظريي کان وٺي هو ڪيترن ئي موضوعن جي باري ۾ لکي ٿو، جيئن تہ اميري ۽ غريبي، لالچ، چڱي هلت چلت، ٻِہ‌اکيائي يعني ناانصافيءَ واري طرفداري، ايمان ۽ عمل، زبان تي ضابطو رکڻ، ڏاهپ، جھيڙو، نماڻائي، هڪٻئي جا عيب اُگھاڙڻ، ٻٽاڪ هڻڻ، صبر ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ.
هن خط ۾ ايمان سان گڏ عمل تي بہ زور ڏنو ويو آهي. اهو ئي سچو ۽ حقيقي دين آهي.
سِٽاءُ
پيش لفظ 1‏:1
آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ 1‏:2‏-18
ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ 1‏:19‏-27
ٻِہ‌اکيائيءَ خلاف تاڪيد 2‏:1‏-13
ايمان ۽ عمل 2‏:14‏-26
زبان تي ضابطو رکڻ 3‏:1‏-18
پاڻ کي خدا جي تابع رکڻ 4‏:1‏–5‏:6
مختلف هدايتون 5‏:7‏-20

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in