13
خدا کي وڻندڙ زندگي
1هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪندا رهو. 2#پيد 18:1-8، 19:1-3 مسافرن جي مهماننوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهماننوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهماننوازي ڪئي آهي. 3قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.
4سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.
5 #
شر 31:6،8، يش 1:5 پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“ 6#زب 118:6 تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ
”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس.
انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“
7اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت خدا جو پيغام ٻڌايو. انهن پنهنجي زندگي جيڪا ڀلائي ڪندي گذاري، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي ايمان جي نموني موجب هلو. 8عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.
9جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي. 10اسان ايمان وارن جي تہ هڪ اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي.
11 #
لاو 16:27
ڏسو، اڳئين انتظام مطابق جن جانورن جو رت سردار ڪاهن هر سال گناهن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ويندو آهي، تن جا جسم #13:11 قوم جي رهائش واري خيميگاهہ يعني يروشلم شهر. شروعات ۾ بني اسرائيل قوم خيمن ۾ رهندي هئي، جن جي وچ ۾ هڪ مقدس خيمو هوندو هو. جڏهن تہ بعد ۾ يروشلم شهر اڏي ان ۾ هيڪل تعمير ڪئي ويئي.قوم جي رهائش واري خيميگاهہ جي ٻاهران ساڙيا ويندا آهن. 12ساڳئي نموني عيسيٰ بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پاڪ ڪري. 13سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيميگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون. 14انهيءَ جو سبب هي آهي تہ زمين تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا طلبگار آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.
15تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري. 16ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل برڪتن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙيون قربانيون خدا کي پسند آهن.
17اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.
18اسان جي لاءِ دعا گھرندا رهو، اهو اعتماد رکندي تہ اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسين هر طرح سان نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ ٿا چاهيون. 19آءٌ اوهان کي خاص طور منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوهان وٽ وري اچي سگھان.
آخر ۾ دعا سلام
20هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو، 21شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.
22اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن.
23آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي ايمان واري ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.
24پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سڀني کي سلام ڏجو. اٽليءَ جا ايمان وارا بہ اوهان کي سلام ٿا چون.
25شل اوهان سڀني تي فضل ٿيندو رهي. آمين.