YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 1

1
1 # مت 13‏:55، مر 6‏:3، رس 15‏:13، گل 1‏:19 هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان #1‏:1 هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيواصلي يوناني مسودي ۾ هتي اصطلاح طور ”هنڌ هنڌ پکڙيل ٻارهن قبيلن“ لکيل آهي. هي اصطلاح فلستين کان ٻاهر آباد يهودين لاءِ استعمال ٿيندو هو. پر هن آيت ۾ گھڻو ڪري عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙن کي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن سان تشبيهہ ڏني ويئي آهي. هن فقري جو مطلب هي بہ ٿي سگھي ٿو يعني ”خدا جا چونڊيل ماڻهو جيڪي هن دنيا ۾ مسافر آهن.“هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.
آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ
(1‏:2‏-18)
(ايمان ۽ ڏاهپ سان)
2اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو، 3ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي ايمان جي پرک اوهان ۾ ثابت قدمي پيدا ڪري ٿي. 4انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.
5جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي. 6پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي. 7اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو. 8اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.
(غربت يا دولتمنديءَ ۾)
9غريب ايمان واري کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي، 10#يس 40‏:6‏-7 جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي. 11هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.
(گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃڻ جي حالت ۾)
12سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي. 13جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي. 14پر اهڙي ماڻهوءَ کي سندس ئي نفساني خواهشون ڇڪي ۽ موهي آزمائش ۾ ڦاسائي ٿيون ڇڏين. 15تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.
16اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. 17هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي. 18هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.
ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ
19اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي، 20ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي. 21تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.
22‏-23اوهين پيغام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي 24هليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ هو ڪيئن هو. 25پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.
26جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. 27اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.

Currently Selected:

يعقوب 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in