YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 2

2
ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو
1اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو. 2فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو سونيون منڊيون ۽ شاندار ڪپڙا پائي اوهان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو هڪڙو غريب ماڻهو بہ اچي ٿو. 3هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“ 4تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہ‌اکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟
5منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟ 6پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟ 7ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ عزت واري نالي عيسيٰ بابت ڪفر ٿا بڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟
8 # لاو 19‏:18 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين خدا جي انهيءَ شاهي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو. 9پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين گناهہ ٿا ڪريو. تنهن تي شريعت اوهان کي گنهگار قرار ٿي ڏئي، 10ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلاف‌ورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو. 11#خر 20‏:13‏،14، شر 5‏:17‏،18 اهو انهيءَ ڪري جو جنهن چيو آهي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنهن هيئن بہ چيو آهي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏهن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو گنهگار ٿي چڪين.
12ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ شريعت جي انهيءَ عظيم حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو، 13ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.
عمل کان سواءِ ايمان مئل آهي
14اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آهي،“ پر هو انهيءَ جي لائق عمل نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇا اهڙو ايمان هن کي بچائي ٿو سگھي؟ 15فرض ڪريو تہ ڪنهن ايمان واري ڀاءُ يا ڀيڻ کي پهرڻ لاءِ ڪپڙا ڪونہ آهن ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آهي. 16اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس بدن لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ 17اها ئي ڳالهہ آهي تہ جيڪڏهن ايمان سان گڏ عمل نہ آهي تہ اهو ايمان مئل آهي.
18پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ ايمان آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو ايمان ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو ايمان ڏيکاريندس. 19تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“
20اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟ 21#پيد 22‏:1‏-14 ڏسو، ڇا خدا اسان جي پيءُ ابراهيم کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اسحاق کي قربان‌گاهہ تي نذر ٿي ڪيو؟ 22هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابراهيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل قرار ڏنو ويو. 23#پيد 15‏:6، 2.توا 20‏:7، يس 41‏:8 اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو خدا جو دوست سڏيو ويو. 24سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ خدا انسان کي رڳو ايمان جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي.
25 # يش 2‏:1‏-21 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟ 26مطلب تہ جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آهي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آهي.

Currently Selected:

يعقوب 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in