YouVersion Logo
Search Icon

يعقوب 3

3
زبان تي ضابطو رکڻ
1اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا تعليم ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي تعليم ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي. 2انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.
3جڏهن اسين گھوڙن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏهن انهن جي سڄي بدن کي بہ ڦيرائي ٿا سگھون. 4يا سامونڊي جهازن جو کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اهي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌِڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي انهن کي هلائڻ وارو جيڏانهن بہ چاهي ڦيرائي ٿو سگھي. 5ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي.
ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي. 6زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي. 7ڏسو، انسان هر قسم جي جانورن، پکين، جيت‌جڻن ۽ سامونڊي ساهوارن کي وس ۾ آڻي سگھي ٿو، بلڪ انهن کي وس ۾ آندو بہ اٿائين، 8پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي. 9#پيد 1‏:26 جنهن زبان سان اسين خداوند پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن. 10ڏسو، ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي. 11ڇا چشمي جي هڪڙي ئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو؟ 12اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا اهو ٿي سگھي ٿو تہ انجير جو وڻ زيتون يا انگورن جي ول انجير جو ڦل جھلي؟ هرگز نہ. ساڳيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.
آسمان کان ملندڙ ڏاهپ
13اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي. 14پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو. 15اهڙي ڏاهپ اها نہ آهي جيڪا آسمان کان ٿي ملي، پر اها دنياوي، نفساني ۽ شيطاني آهي. 16انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي حسد ۽ خودغرضي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.
17پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري. 18#مت 5‏:9جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.

Currently Selected:

يعقوب 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in