يعقوب 13:1-14
يعقوب 13:1-14 SB
جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي. پر اهڙي ماڻهوءَ کي سندس ئي نفساني خواهشون ڇڪي ۽ موهي آزمائش ۾ ڦاسائي ٿيون ڇڏين.












