خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي.
هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ
آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان.
هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ
آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان،
۽ قيدين کي آزاديءَ جي
۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.
هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ
اهو وقت اچي ويو آهي،
جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو،
۽ سندن دشمنن کان انتقام وٺندو.
هن مون کي موڪليو آهي تہ
آءٌ سڀني دلگيرن کي دلاسو ڏيان.
خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي
ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني،
۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان.
اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا
جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن.
اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا،
تانتہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.