Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 60

60
يروشلم جو نئون شان وَ شوڪت
1اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ،
ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي.
هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.
2ڏس، هيءَ ڌرتي ۽ ٻيون قومون
اونداهيءَ سان ڍڪجي وينديون،
مگر تو تي خداوند جو نور چمڪڻ لڳندو.
سندس موجودگيءَ جي تجلي تو مٿان هوندي.
3قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون،
۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.
4پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار،
تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن.
ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن،
۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي،
تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.
5انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ،
۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي.
قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي،
هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.
6اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي.
هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان
گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا.
شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا،
جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا.
جڏهن اهي سڀ ايندا تہ
خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.
7قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون،
قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون.
اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون.
بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي
وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.
8ڏس، اي يروشلم جي وسندي! اهي ڇا آهن،
جيڪي تو ڏانهن ائين ٿا اچن جيئن بادل هوا ۾ ترندا اچن؟
هائو، جيئن ڪبوتر پنهنجي واهيري ڏانهن اچن.
9بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن،
جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن،
۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت
پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين.
انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن.
انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو.
هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي،
ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.
10خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ
”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا،
۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا.
جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني،
تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.
11 # مڪا 21‏:25‏-26 هاڻي ڏينهن رات تنهنجا دروازا کُليل رهندا،
بند ڪڏهن نہ ٿيندا.
انهيءَ لاءِ تہ قومن جي دولت تو وٽ آندي وڃي،
۽ انهيءَ سان گڏ سندن بادشاهہ اچي حاضري ڀرين.
12باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا،
سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا.
هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.
13لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو،
يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ.
انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي.
هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي،
تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.
14 # مڪا 3‏:9 اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي،
تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو.
جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي،
سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا.
اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘
۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.
15بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو،
۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي،
ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي.
پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس،
۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.
16قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا،
جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي.
پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ
آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان،
هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.
17آءٌ ڪاٺ ۽ پٿرن جي بدران پتل ۽ لوهہ آڻيندس،
بلڪ پتل ۽ لوهہ جي بدران آءٌ سون ۽ چاندي آڻيندس.
آءٌ تنهنجي حڪمرانن کي انصاف ۽ سلامتيءَ وارا بڻائيندس.
18تنهنجي سرزمين تي وري ظلم،
۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو،
نڪي تنهنجي سرحدن ۾
تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي.
پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو،
۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.
19 # مڪا 21‏:23، 22‏:5 اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ
سج جي ضرورت نہ پوندي،
نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي،
بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس.
هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.
20هاڻ تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ختم ٿي ويندا،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جو جلوو
تنهنجي اهڙي ابدي روشني بڻبو،
جيڪا سج ۽ چنڊ جي گم ٿيندڙ روشنيءَ جي ڀيٽ ۾
هميشہ قائم وَ دائم رهندي.
21تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا،
۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا.
اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن،
جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي،
انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.
22سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو،
۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو.
مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس.
آءٌ خداوند آهيان.“

Currently Selected:

يسعياہ 60: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in