59
سماجي ناانصافيءَ کي نندڻ
1ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي،
جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي،
يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي.
2بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن،
جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي.
اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي
هن اوهان کان منهن موڙيو آهي،
جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.
3اوهان جا هٿ خون سان ڀريل آهن،
۽ اوهان جا پير بدڪاريءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن.
اوهان جا چپ ڪوڙ ٿا ڳالهائين،
۽ اوهان جون زبانون بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن.
4عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو،
نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن،
بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو،
۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو.
جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي،
سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.
5-6اوهان جا منصوبا ڪوريئڙي جي انهيءَ ڄار مثل آهن،
جنهن کي اوهين اُڻو ٿا پر انهيءَ مان ڪپڙو نہ ٿو ٺهي سگھي.
هائو، اوهين پنهنجي اعمالن سان پاڻ کي ڍڪي نہ سگھندا.
بلڪ اوهان جا منصوبا نانگ جي بيضن جيان آهن،
جن کي ڦوڙڻ لاءِ اوهين مٿن آرو ٿا ڪريو.
انهن بيضن مان جيڪو بہ کائي ٿو سو مريو ٿو پوي،
ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪو ٽوڙيو ٿو وڃي،
تہ منجھانئس ڪاريهر نانگ ٿو نڪري.
بيشڪ اوهان جا اعمال بدڪاريءَ وارا آهن،
۽ اوهان جا هٿ ظلم جي ڪم ۾ رڌل آهن.
7 #
رو 3:15-17
اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا.
اوهين بيگناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو.
اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن،
۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.
8اوهان جي موجودگيءَ ۾
ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي،
ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ.
هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن،
سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو،
تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.
ماڻهن جو پنهنجا ڏوهہ باسڻ
9تڏهن ماڻهن چيو تہ
”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري
انصاف اسان کان پري آهي،
۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري
خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي.
اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا،
پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي.
هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا،
پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.
10اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون.
هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون،
ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ.
اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون،
جيئن رات جو اونداهيءَ ۾.
اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.
11اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون،
۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا.
اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا،
پر اها نہ ٿي لڀي.
اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي،
پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.
12اي خداوند!
اسان جون بدڪاريون تو آڏو گھڻيون وڌي ويون آهن.
اسان جا اهي گناهہ اسان جي خلاف شاهدي ٿا ڏين،
جيڪي اسان کان ڪونہ ٿا وسرن.
هائو، اسين پنهنجي بدڪارين کان پوريءَ طرح واقف آهيون.
13بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي،
تنهنجا باغي بڻيا آهيون،
۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون.
هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون.
اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا،
۽ اهي ئي زبان تي آهن.
14سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي،
۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي.
انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي.
اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.
15هائو، سچائي گم ٿي ويئي آهي.
هاڻ جيڪو بديءَ کان پري ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري،
سو انهيءَ جو شڪار بڻجيو وڃي.“
خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو
جڏهن خداوند اهو سڀ ڏٺو تہ
سندس قوم سان انصاف نہ ٿو ٿئي،
تڏهن سندس نظر کي اهو برو لڳو.
16 #
يس 63:5
بلڪ هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو،
تہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن مظلومن جي مدد ڪري.
تڏهن ارادو ڪيائين تہ
هو پنهنجي زورآور هٿ سان انهن کي بچائيندو،
۽ پنهنجي سچائيءَ مطابق کين سوڀ ڏياريندو.
17 #
اف 6:14،17، 1.ٿس 5:8 سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو،
۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو.
هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو،
۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.
18پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو،
تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو.
هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو،
۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو،
پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.
19هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان
هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو.
تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون
سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.
20 #
رو 11:26
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ يروشلم ۾ اوهان جي بچاءَ لاءِ ايندس ۽ انهن سڀني ماڻهن کي ڇڏائيندس، جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن. 21اوهان سان منهنجو هي عهد آهي تہ منهنجو روح اوهان کان پري نہ ٿيندو ۽ منهنجيون ڳالهيون هميشہ هميشہ اوهان جي زبان تي هونديون. هائو، هاڻي کان وٺي اهي اوهان جي اولاد جي ۽ اولاد جي اولاد جي زبان تي ابد تائين هونديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“