1
يسعياہ 1:60
Sindhi Bible FB
SB
اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.
Compare
Explore يسعياہ 60:1
2
يسعياہ 3:60
قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.
Explore يسعياہ 60:3
3
يسعياہ 2:60
ڏس، هيءَ ڌرتي ۽ ٻيون قومون اونداهيءَ سان ڍڪجي وينديون، مگر تو تي خداوند جو نور چمڪڻ لڳندو. سندس موجودگيءَ جي تجلي تو مٿان هوندي.
Explore يسعياہ 60:2
4
يسعياہ 22:60
سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“
Explore يسعياہ 60:22
5
يسعياہ 19:60
اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.
Explore يسعياہ 60:19
6
يسعياہ 20:60
هاڻ تنهنجي مصيبتن جا ڏينهن ختم ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جو جلوو تنهنجي اهڙي ابدي روشني بڻبو، جيڪا سج ۽ چنڊ جي گم ٿيندڙ روشنيءَ جي ڀيٽ ۾ هميشہ قائم وَ دائم رهندي.
Explore يسعياہ 60:20
7
يسعياہ 5:60
انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي. قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي، هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.
Explore يسعياہ 60:5
8
يسعياہ 4:60
پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.
Explore يسعياہ 60:4
9
يسعياہ 21:60
تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.
Explore يسعياہ 60:21
10
يسعياہ 18:60
تنهنجي سرزمين تي وري ظلم، ۽ زبردستيءَ جو آواز بہ ٻڌڻ ۾ نہ ايندو، نڪي تنهنجي سرحدن ۾ تباهي ۽ برباديءَ جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ايندي. پوءِ تنهنجي ڀتين کي ’خداوند جو بچاءُ‘ سڏيو ويندو، ۽ تنهنجي دروازن کي ’خداوند جي واکاڻ‘ چيو ويندو.
Explore يسعياہ 60:18
11
يسعياہ 11:60
هاڻي ڏينهن رات تنهنجا دروازا کُليل رهندا، بند ڪڏهن نہ ٿيندا. انهيءَ لاءِ تہ قومن جي دولت تو وٽ آندي وڃي، ۽ انهيءَ سان گڏ سندن بادشاهہ اچي حاضري ڀرين.
Explore يسعياہ 60:11
12
يسعياہ 6:60
اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.
Explore يسعياہ 60:6
13
يسعياہ 10:60
خداوند يروشلم جي وسنديءَ کي فرمائي ٿو تہ ”غير قوم وارا ماڻهو تنهنجيون ڀتيون وري اڏيندا، ۽ سندن بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا. جيتوڻيڪ مون ڪاوڙ ۾ تو کي سزا ڏني، تہ بہ هاڻي پنهنجي ٻاجھہ سبب آءٌ تو تي رحم ڪندس.
Explore يسعياہ 60:10
14
يسعياہ 15:60
بيشڪ تو کي ڇڏي ڏنو ويو هو، ۽ تو کان نفرت ڪئي ويئي هئي، ايتري قدر جو ڪو ماڻهو تو منجھان لنگھيو بہ ڪين ٿي. پر هاڻ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ اعليٰ مرتبو بخشيندس، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تو کي خوشين جو باعث بڻائيندس.
Explore يسعياہ 60:15
15
يسعياہ 16:60
قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي ائين سار سنڀال لهندا، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي سار سنڀال لهندي آهي. پوءِ تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ خداوند ئي تنهنجو بچائيندڙ آهيان، هائو، بني اسرائيل جو اهو قادر خدا جنهن تو کي ڇڏايو آهي.
Explore يسعياہ 60:16