56
هر قوم خداوند جي قوم ۾ شامل ٿيندي
1 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ
”اوهين انصاف کي قائم رکو،
۽ سچائيءَ تي عمل ڪندا رهو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ جلد ئي اوهان کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان،
اوهان کي ڇڏائڻ مان منهنجي سچائي ظاهر ٿيندي.
2 #
شر 5:12-15
سڀاڳا آهن اهي انسان جيڪي انهن ڳالهين تي عمل ٿا ڪن!
۽ اهي بہ جيڪي #56:2 سبت يعني آرام جو ڏينهن.سبت جي ڏينهن کي ملهائين ٿا،
۽ انهيءَ جي بيحرمتي نہ ٿا ڪن.
سڀاڳا آهن اهي انسان! جيڪي پنهنجن هٿن کي
هر طرح جي برائيءَ وارن ڪمن کان روڪي ٿا رکن.“
3جيڪو بہ غير قوم وارو
خداوند جي قوم سان اچي شامل ٿيو آهي،
سو ائين نہ چوي تہ
”شايد آءٌ خداوند جي قوم کان الڳ ليکيو ويندس.“
نہ ئي وري ڪو #56:3 نامرد موسيٰ جي شريعت مطابق ڪوبہ نامرد نڪي ڪاهن ٿي سگھيو ٿي ۽ نہ وري خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھيو ٿي (ڏسو لاوي سرشتو 21:18-21، شريعت جو دور 23:1).نامرد ائين چوي تہ
”ڏسو، آءٌ تہ هڪڙي سڪل وڻ جيان
برڪتن کان محروم آهيان.“
4 خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ
”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا،
منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا،
۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،
5تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر،
سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس،
۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو،
جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي.
هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس،
جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.
6جيڪي بہ غير قوم وارا
مون خداوند جي قوم سان شامل ٿي وڃن ٿا،
منهنجي بندگي ڪن ٿا،
منهنجي نالي سان محبت رکن ٿا،
منهنجا ٻانها ٿي رهن ٿا،
۽ جيڪي سبت جو ڏينهن ملهائين ٿا،
۽ انهيءَ جي بيحرمتي نہ ٿا ڪن،
۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،
7 #
مت 21:13، مر 11:17، لو 19:46 تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس،
۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس.
انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون،
بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربانگاهہ تي قبول پونديون،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“
8 خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي
وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري،
سو فرمائي ٿو تہ
”آءٌ غير قوم وارن کي بہ
پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“
بدڪار اڳواڻن کي نندڻ
9خداوند غير قوم وارن کي حڪم ٿو ڏئي تہ
”اچو، جھنگلي جانورن وانگر منهنجي قوم کي ڳڙڪائي وڃو،
10ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن.
انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي.
هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن،
جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن.
اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن،
جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.
11هائو، اهي لالچي ڪتن مثل آهن،
جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿا ڍاپجن.
اهي اهڙا اڳواڻ آهن جن کي ڪابہ سمجھہ ڪانهي.
انهن مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو مفاد پيو سوچي،
۽ پنهنجي فائدي لاءِ ماڻهن سان زيادتيون پيو ڪري.
12اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ
’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون،
سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو،
بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“