55
ڇوٽڪاري جو سڏ
1 #
مڪا 21:6، 22:17 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي سمورا اڃايلؤ! اچو، اچي پاڻي پيئو.
اوهين جن وٽ پئسو ڪونهي، سي بہ اچو،
اچي اناج وٺو ۽ کائو.
هائو، اچو ۽ اڻمُلهو ۽ بنا پئسي مئي ۽ کير وٺو.
2جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي،
تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟
هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي،
تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟
اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو،
جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو،
۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.
3 #
رس 13:34
اي منهنجي قوم وارؤ!
هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو.
هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو.
آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس،
جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.
4ڏسو، مون هن کي قومن جو اڳواڻ ۽ حڪمران مقرر ڪيو.
هن جي وسيلي مون قومن کي پنهنجي قدرت ڏيکاري.
5ڏسو، جيڪي غير قومون
اوهان کي ڪا اهميت نہ ڏينديون هيون،
تن کي هاڻي اوهين سڏيندا تہ
اهي مون خداوند اوهان جي خدا،
يعني بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري
اوهان وٽ ڊوڙنديون اينديون،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي عظمت ۽ شان عطا ڪندس.“
6سو خداوند آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ کانئس دعا گھرو.
هائو، خدا کي پڪاريو، جو هي سندس قبوليت جو وقت آهي.
7شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن،
۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين.
اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہتائب ٿين،
تہ هو مٿن رحم ڪندو.
بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.
8 خداوند فرمائي ٿو تہ
”منهنجا خيال اوهان جي خيالن جهڙا ناهن،
۽ منهنجا رستا اوهان جي رستن کان مختلف آهن.
9جيئن آسمان زمين کان اوچو آهي،
تيئن ئي منهنجا رستا اوهان جي رستن کان،
۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان بلند آهن.
10 #
2.ڪر 9:10
جهڙيءَ طرح آسمان مان مينهن وسي ٿو،
۽ ڳڙو پوي ٿو،
۽ اهي وري اوڏانهن موٽي نہ ٿا وڃن،
بلڪ زمين کي ريج ٿا ڏين،
۽ انهيءَ ۾ ساوڪ ۽ فصل پيدا ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن،
انهيءَ لاءِ تہ پوکڻ لاءِ ٻج ۽ کائڻ لاءِ کاڌو ملي،
11تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو،
جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري.
اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو،
بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو،
۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو،
تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.
12هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا،
۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا.
جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا،
۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.
13پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن،
اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا،
۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا.
اهي وڻ مون خداوند جي پاران
هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا،
جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“