جيڪي بہ غير قوم وارا
مون خداوند جي قوم سان شامل ٿي وڃن ٿا،
منهنجي بندگي ڪن ٿا،
منهنجي نالي سان محبت رکن ٿا،
منهنجا ٻانها ٿي رهن ٿا،
۽ جيڪي سبت جو ڏينهن ملهائين ٿا،
۽ انهيءَ جي بيحرمتي نہ ٿا ڪن،
۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،
تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس،
۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس.
انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون،
بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربانگاهہ تي قبول پونديون،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“