Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 54

54
بني اسرائيل لاءِ خداوند جي محبت
1 # گل 4‏:27 اي #54‏:1 يروشلم جي وسندي هن شاعريءَ ۾ يروشلم شهر کي خداوند جي زال ۽ بني اسرائيل جي ماءُ سڏيو ويو آهي.يروشلم جي وسندي!
تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ،
جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو،
سا خوشيءَ وچان ڳاءِ.
هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا،
سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ،
ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ
ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.
2جيئن ماڻهو اولاد جي وڌڻ ڪري
پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ٿا ڪن،
انهيءَ جا رسا ڊگھا ٿا ڪن ۽ انهيءَ جا ڪِلا مضبوط ٿا ڪن،
تيئن ئي تون بہ ڍرائي نہ ڪر.
هائو، پنهنجي آباديءَ جي حدن کي وڌائي ڇڏ.
3هن ڪري جو تنهنجيون سرحدون
چئني طرفن ڏانهن وڌي وينديون.
هائو، تنهنجو نسل پنهنجا اهي علائقا واپس وٺندو،
جيڪي ٻين قومن جي قبضي هيٺ آهن.
تنهنجو نسل ويران شهرن کي وري آباد ڪندو.
4ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ.
پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ،
بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ،
۽ پنهنجي رن‌زال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.
5تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي،
جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.
هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي،
اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.
6تون هڪ اهڙي جوان زال وانگر هئينءَ،
جنهن کي مڙس ڄڻ ڇڏي ڏنو هجي،
۽ جنهن جي دل ڏکايل هجي.
پر هاڻي خداوند تو کي وري زال سڏيندي فرمائي ٿو تہ
7”مون تو کي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو هو،
پر هاڻ گھڻيءَ ٻاجھہ سان
آءٌ تو کي وري پنهنجي سيني سان لائيندس.
8آءٌ خداوند تنهنجو بچائيندڙ چوان ٿو تہ
تمام گھڻيءَ ڪاوڙ سبب مون هڪ لحظي واسطي
تو کان پنهنجو منهن موڙيو هو.
پر هاڻي ابدي شفقت سان آءٌ تو تي رحم ڪندس.
9 # پيد 9‏:8‏-17 جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ
نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي،
تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ
آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس،
نڪي تو کي سزا ڏيندس.
10آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ
توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن،
تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي،
نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“
نئون يروشلم
11 # مڪا 21‏:18‏-21 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي!
جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين،
ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس.
آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،
12تنهنجا منارا لعلن جا،
تنهنجا دروازا شب‌چراغ جا،
۽ تنهنجيون سڀيئي ديوارون هيرن جواهرن جون جوڙيندس.
13 # يو 6‏:45 تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس،
۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.
14انصاف ۽ سچائي تو کي قائم وَ دائم رکنديون.
ظلم ۽ دهشت تنهنجي ويجھو بہ نہ ايندي،
۽ تون بلڪل نہ ڊڄندينءَ.
15ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو،
تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو.
بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.
16ڏس، مون لوهار خلقيو آهي،
جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو،
۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو.
مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن،
جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.
17پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو.
عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا،
تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ.
اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان،
۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يسعياہ 54: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in