45
1 خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو.
هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو،
۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين.
هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو،
۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.
2خداوند خورس کي فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پاڻ تنهنجي اڳيان هلندس،
تہ جيئن جبلن ۽ ٽڪرين کي تنهنجي لاءِ هموار ڪريان.
آءٌ پتل جا دروازا ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندس،
۽ انهن جا لوهہ جا گز ٽوڙي ڇڏيندس.
3آءٌ تو کي لڪل خزانا،
۽ ڳجھين جاين ۾ پوريل دولت عطا ڪندس.
پوءِ تون ڄاڻيندين تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو خدا آهيان،
جنهن تنهنجو نالو وٺي تو کي سڏيو آهي.
4اي خورس! مون تو کي پنهنجي چونڊيل ٻانهن،
بني اسرائيل وارن جي مدد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي.
مون تو کي وڏي عزت عطا ڪئي آهي،
جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.
5آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.
مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي،
جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.
6هاڻي اوڀر کان وٺي ويندي اولهہ تائين،
هر ڪو ماڻهو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان،
۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
7آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان.
آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان.
آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.
8جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي،
تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس.
جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن،
تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس.
آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“
خداوند قادرِمطلق
9 #
يس 29:16، رو 9:20 ويل آهي انهن لاءِ!
جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن،
ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن.
ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ
”تون ڇا ٿو جوڙين؟“
يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ
سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟
10ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي ايتري جرئت ٿا ڪن،
جو پنهنجي والدين کان پڇاڻو ٿا ڪن تہ
”توهان مون کي ههڙو ڇو ڄڻيو آهي؟“
11 خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ خالق فرمائي ٿو تہ
”مون کان ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت پڇڻ جي
اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي؟
منهنجي ٻارن ۽ منهنجي هٿن جي ڪاريگريءَ بابت
مون کان پڇڻ جي اوهان جرئت ڪيئن ڪئي؟
12آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي،
۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم.
مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي،
۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.
13مون پنهنجي سچائيءَ موجب ئي
خورس کي اٿاري کڙو ڪيو آهي.
آءٌ هن جا سڀ رستا سنواريندس.
هو منهنجي شهر يروشلم کي وري تعمير ڪرائيندو،
۽ منهنجي قوم جي جلاوطن ٿيلن کي
ڪنهن قيمت يا رشوت کان سواءِ ئي ڇڏائيندو.
اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“
14 خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ
”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي،
۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا.
اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا.
اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ
’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي،
۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“
15بيشڪ بني اسرائيل جو خدا،
جيڪو اڪيلي سر پنهنجيءَ قوم کي بچائي سگھي ٿو،
سو هڪ راز ئي راز آهي.
16جيڪي بہ بت جوڙين ٿا،
سي سڀ پريشان ۽ خوار خراب ٿيندا.
هائو، اهي سڀ گڏجي ذليل وَ خوار ٿيندا.
17پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي،
بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي.
سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.
18بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن،
سو ئي خدا آهي.
هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي،
۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس.
هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ،
بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي.
سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ ئي خداوند آهيان،
۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
19مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾،
۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان،
بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي.
مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ
’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘
آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان،
آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“
قومن کي خداوند جو سڏ
20خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي غير قومن وارؤ!
اوهين جيڪي بابل جي تباهيءَ کان بچي نڪتا آهيو،
سي منهنجي عدالت ۾ اچي گڏ ٿيو.
اوهين بلڪل بيسمجھہ آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين جيڪي ڪاٺ جا بت کنيو ٿا وتو،
۽ اهڙن معبودن کان دعا ٿا گھرو،
سي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.
21اوهين عدالت ۾ اچو ۽ پنهنجي باري ۾ صفائي پيش ڪريو،
ڀلي هڪٻئي سان صلاح مصلحت ڪري ٻڌايو تہ
ڇا ڪو اهڙو معبود اٿوَ،
جنهن گھڻو اڳي اڳڪٿي ڪري ٻڌايو هجيوَ،
تہ انهيءَ وقت اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو؟
ڇا اهو سڀ مون خداوند ئي نہ ڪيو هو،
جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي؟
هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ عادل ۽ بچائيندڙ خدا ڪونهي.
22اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ!
اوهين سڀ مون آڏو توبهہتائب ٿيو
۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.
23 #
رو 14:11، فلپ 2:10-11 مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي،
جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ
هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو،
۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.
24هر ڪو مون بابت چوندو تہ
’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘
پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا،
سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.
25بني اسرائيل جي سڄي نسل کي
آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس.
اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“