Bible App logo
Search Icon

يسعياہ 44

44
بني اسرائيل سان خداوند جو واعدو
1پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني يعقوب!
هائو، اوهين اي بني اسرائيل وارؤ!
جن کي مون پنهنجي قوم ڪري چونڊيو آهي، سي ٻڌو.
2آءٌ خداوند آهيان جنهن اوهان کي خلقيو آهي.
اوهان جي ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي
مون اوهان جي سنڀال پئي ڪئي آهي.
سو اي بني اسرائيل! اوهين ڊڄو نہ،
اوهين منهنجا ٻانها آهيو،
منهنجي چونڊيل قوم،
جنهن سان آءٌ پيار ٿو ڪريان.
3جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي
انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو،
تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي
اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.
4سو اهي جھجھي پاڻيءَ واري زمين ۾ ڦٽندڙ گاهہ وانگر،
۽ وهندڙ نهرن جي ڪنارن تي ڦٽندڙ لئيءَ جي وڻن وانگر ٿيندا.
5انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ
’اسين خداوند جا آهيون،‘
ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘
جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘
۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“
6 # يس 48‏:12، مڪا 1‏:17، 2‏:8، 22‏:13 خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ ۽ سندن بچائيندڙ، قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ ئي اول آهيان ۽ آءٌ ئي آخر آهيان،
مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.
7جيڪڏهن ڪو مون جهڙو آهي تہ پُڪاري چوي،
هائو، اهو اعلان ڪري،
۽ شين کي ترتيبوار ڪري مون آڏو پيش ڪري.
قديم زماني کان ڀلا ٻيو ڪير آهي،
جنهن هاڻي پيش ايندڙ ڳالهيون،
يا جيڪي هاڻي کان پوءِ پيش اينديون تن جي خبر ڏني آهي؟
8اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين نہ ڊڄو،
نڪي خوف وچان ڏڪو.
اوهان کي خبر آهي تہ قديم زمانن کان هاڻي تائين،
جيڪي ڪجھہ ٿيڻ وارو هو سو مون اڳ ۾ بيان پئي ڪيو آهي،
جنهن لاءِ اوهين منهنجا شاهد آهيو.
مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟
هرگز نہ، اهڙو ڪوبہ ٻيو محافظ ڪونهي،
جنهن کي آءٌ نہ ڄاڻيندو هجان.“
بت‌پرستي هڪ ٺڳيءَ جو ٺاهہ
9جيڪي بہ ماڻهو بت اُڪري ٺاهين ٿا، سي سڀ دوکيباز آهن ۽ جن بتن کي اهي پنهنجي لاءِ خزانو ٿا سمجھن، سي بلڪل بي‌فائدہ آهن. جيڪي انهن بتن جي پوڄا ٿا ڪن، سي انڌا ۽ جاهل آهن، اهي خوار خراب ٿيندا. 10پنهنجي ئي هٿ سان مورتي ٺاهي ان کي خدا سمجھي پوڄا ڪرڻ وارو ڀلا ڪو سياڻو ماڻهو آهي ڇا؟ 11ياد رکو، اهي سڀيئي خوار خراب ٿيندا، جيڪي انهن جي پوڄا ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا جوڙيندڙ رڳو انسانذات آهن. ڀلي تہ اهي سڀ اچن ۽ گڏجي عدالت ۾ بيهن. بيشڪ اهي ڊڄي ويندا ۽ گڏجي خوار خراب ٿيندا.
12لوهر لوهہ جو هڪڙو ٽڪرو کڻي ٿو ۽ انهيءَ کي ٽانڊن ۾ پگھرائي هٿوڙن سان هڪڙي شڪل ۾ ڍالي ٿو. هائو، هو انهيءَ کي پنهنجي طاقتور ٻانهن سان گھڙي تيار ڪري ٿو. ڪم ڪندي هو اڃ ۽ بک ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ ٿڪجي پوي ٿو ۽ منجھس طاقت باقي نہ ٿي رهي.
13واڍو ڏور سان ڪاٺيءَ جي ماپ وٺي ٿو ۽ انهيءَ تي نشان ڪري ٿو. پوءِ انهيءَ ڪاٺيءَ کي رندو هڻي لسو ڪري ٿو، پرڪار سان انهيءَ تي نقش ڪڍي ٿو ۽ پوءِ انساني صورت موجب هڪڙي سهڻي شڪل بڻائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اها پوڄا گھر ۾ رکي وڃي. 14هو ئي ديال جا وڻ پنهنجي استعمال لاءِ وڍي ٿو يا وري سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ ٻيلي مان چونڊي کڻي ٿو. هو چاهي تہ پاڻ صنوبر جا وڻ لڳائي سگھي ٿو ۽ مينهن انهن کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، جڏهن تہ وڻ پاڻ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھي. 15هاڻ ماڻهو وري انهيءَ ساڳي وڻ کي باهہ ۾ ٻارڻ واسطي ڪم آڻين ٿا، جن مان ڪجھہ ٻاري هو پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ ڪجھہ ٻاري انهن تي رڌپچاءُ ڪن ٿا. وري ڏسو تہ اهي ساڳي ئي وڻ جي ڪجھہ حصي مان هو بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪن ٿا! هائو، انهيءَ وڻ جي ڪاٺ کي اُڪري انهيءَ مان مورتيون ٺاهي انهن آڏو پنهنجو سر ٿا جھڪائين. 16هائو، جنهن ڪاٺ کي هو پاڻ ساڙي ٻاري ان تي گوشت ڀُڃي ۽ ڪباب پچائي کائي ڍءُ ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي گرم ڪري چون ٿا تہ ”واہ واہ! آءٌ گرم ٿي ويو آهيان، باهہ ڪيتري تہ ڀلي آهي!“ 17هاڻ ساڳي ئي ڪاٺ جي باقي حصي مان هو پنهنجي لاءِ معبود يعني اُڪريل مورتيون ٺاهين ٿا ۽ انهن جي اڳيان جھڪي کين سجدو ڪن ٿا. پوءِ وري انهن جي پوڄا ڪري کانئن دعا گھري چون ٿا تہ ”مون کي ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجو خدا آهين.“
18اهڙا ماڻهو بي‌وقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن. 19انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“
20سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.
خداوند، خالق ۽ بچائيندڙ
21خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو،
سو اهي ڳالهيون ياد رکو.
هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي،
اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو،
آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.
22مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن.
سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.
23اي آسمانؤ! خوشيءَ منجھان ڳايو،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند هي سڀ ڪيو آهي.
اي ڌرتيءَ جون اونهايون! اوهين نعرا هڻو.
اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي ٻيلي جا هر هڪ وڻ!
اوهين خوشيءَ منجھان ڳايو،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل کي بچائي
پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي آهي.
24اي بني اسرائيل وارؤ!
آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان.
مون ئي اوهان کي خلقيو آهي،
بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان.
آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو
۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.
25 # 1.ڪر 1‏:20 آءٌ ئي اڳڪٿي ڪندڙن جي نشانين کي باطل قرار ڏيان ٿو،
۽ فال وجھڻ وارن جي فال کي باطل بڻائي
کين بي‌وقوف ثابت ٿو ڪريان.
ماڻهن جي نظر ۾ جيڪا سياڻپ آهي تنهن کي آءٌ رد ٿو ڪريان،
۽ اهڙن جي سياڻپ کي بي‌وقوفيءَ ۾ ٿو بدلايان.
26آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي،
هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان،
سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو،
۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا.
هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.
27هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن،
تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“
خداوند جو خورس کي چونڊڻ
28 # 2.توا 36‏:23، عز 1‏:2 خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون #44‏:28 خورس هي فارس ملڪ جو شهنشاهہ هو.خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ
اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو.
هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي
يروشلم شهر کي وري اڏائيندو،
۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“

Currently Selected:

يسعياہ 44: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in