آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.
مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي،
جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.
هاڻي اوڀر کان وٺي ويندي اولهہ تائين،
هر ڪو ماڻهو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان،
۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.