43
خداوند، بني اسرائيل جو مددگار
1پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي بني يعقوب!
مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي،
۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي.
هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ،
ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي،
مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي،
اوهين منهنجا ئي آهيو.
2جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي،
تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس.
هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا،
تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس.
يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا،
تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو.
هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا،
تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.
3آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
آءٌ اوهان بني اسرائيل جو پاڪ معبود
۽ اوهان جو بچائيندڙ آهيان.
مون اوهان جي عيوض ۾ مصر،
سوڊان ۽ صبا #43:3 عيوض ۾ مصر، سوڊان ۽ صبا ڏيئي ڇڏيا هن مان مراد گھڻو ڪري اها ورتي وڃي ٿي تہ خداوند جيڪو انساني واقعات کي ظابطي ۾ رکي ٿو، سو خورس شهنشاهہ کي برپا ڪري ٿو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي انهيءَ جي هٿ کان بچائڻ لاءِ سندن عيوض اهي ملڪ کيس قبضي ۾ ڏئي ٿو.ڏيئي ڇڏيا آهن.
4جيئن تہ اوهان منهنجيءَ نظر ۾ بيحد قيمتي ۽ معزز آهيو،
۽ منهنجي اوهان سان محبت آهي،
تنهنڪري آءٌ اوهان جي بدلي ۾ امتون،
۽ اوهان جي حياتيءَ جي عيوض قومون ڏيئي ٿو ڇڏيان.
5اوهين بلڪل نہ ڊڄو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان.
آءٌ اوهان جي نسل کي اوڀر توڙي اولهہ جي
ڏورانهن ملڪن کان موٽائي وطن ۾ آڻي گڏ ڪندس.
6آءٌ اتر توڙي ڏکڻ کي پڻ حڪم ڪندس،
تہ اهي واپس ايندڙ ماڻهن کي نہ روڪين،
جيڪي مون لاءِ پٽن ۽ ڌيئرن جي مثل آهن،
تانتہ اهي ڏورانهن ملڪن
۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان موٽي پنهنجي وطن ۾ اچن.
7اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن.
مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي،
تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“
خداوند اڪيلو خدا
8خداوند فرمائي ٿو تہ
”منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪڍي عدالت ۾ آندو وڃي،
هنن کي اکيون تہ آهن پر اهي ڏسي نہ ٿا سگھن،
هنن کي ڪن تہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن.
9سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي،
تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين.
انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت
ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟
ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ
هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟
ڀلي تہ سندن معبود
پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين،
ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين،
جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘
10اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون خداوند جا گواهہ آهيو.
هائو، اي بني اسرائيل! تون منهنجو ٻانهو آهين،
جنهن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي.
آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين مون کي ڄاڻو،
مون تي ايمان آڻيو،
۽ سمجھو تہ رڳو آءٌ ئي خدا آهيان.
مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ناهي،
نہ مون کان اڳ ۾ ڪو خدا هو،
۽ نہ مون کان پوءِ ڪو ٿيڻو آهي.
11آءٌ ئي، هائو، فقط آءٌ ئي اڪيلو خداوند آهيان،
۽ مون کان سواءِ ڪوبہ بچائڻ وارو ناهي.
12جيئن مون چيو هو تيئن ڪري ڏيکاريو.
ٻئي ڪنهن بہ ڌارئي معبود نہ،
بلڪ مون ئي اوهان کي پنهنجي واعدي موجب بچايو.
سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ
اوهين منهنجا شاهد آهيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان.
13ياد رکو، اڄ بہ آءٌ اهو ئي خدا آهيان.
اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.
ڪنهن کي طاقت آهي
جيڪو منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھي سگھي؟“
14 خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ
”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر
بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس.
آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس،
۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي
دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.
15آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ معبود آهيان.
اي بني اسرائيل وارؤ!
آءٌ ئي اوهان جو خالق ۽ بادشاهہ آهيان.
16آءٌ خداوند ئي آهيان،
جيڪو طاقتور سمنڊ کي ٻہ اڌ ڪري،
پاڻين جي وچ مان خشڪ رستو ٿو ٺاهيان.
17آءٌ ئي جنگي گھوڙي گاڏين،
۽ گھوڙن وارن طاقتور لشڪرن کان ڪاهہ ٿو ڪرايان،
۽ آءٌ ئي انهن کي اهڙو تباهہ وَ برباد ٿو ڪريان،
جو اهي مري وڃي اهڙا ٿا سمهن جو وري ڪڏهن بہ نہ اٿندا.
اهي ائين گم ٿيو وڃن،
جيئن ڪو ڏيئو اجھامي وڃي.“
خدا جو نين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ
18خداوند ٿو فرمائي تہ
”اوهين گذريل ڳالهين کي وساري ڇڏيو.
هائو، جيڪي ڪجھہ ماضيءَ ۾ ٿي گذريو،
تنهن تي غور نہ ڪريو.
19فقط انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيو،
جيڪي آءٌ هاڻي ڪرڻ وارو آهيان.
اهي هاڻي عمل ۾ اينديون،
اوهين انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان نہ ٿا ڏيو ڇا؟
ڏسو، آءٌ بيابان ۾ هڪ رستو جوڙيان ٿو،
۽ اتان ئي نديون وهايان ٿو.
20گدڙ ۽ اٺ پکي، بلڪ سڀ جھنگلي جانور،
منهنجي تعظيم ۽ واکاڻ ڪرڻ لڳندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل قوم جي پيئڻ لاءِ
بيابان ۾ نديون جاري ٿو ڪريان.
21اها قوم مون پنهنجي لاءِ خلقي آهي،
تانتہ اهي منهنجي واکاڻ ڳائين.
22پر اي بني يعقوب! اوهان مون کي نہ پڪاريو.
هائو، اي بني اسرائيل! اوهان مون کان بيزار ٿي
منهنجي عبادت ڇڏي ڏني آهي.
23منهنجي تعظيم خاطر
اوهان پنهنجيون قربانيون پيش نہ ڪيون آهن.
هائو، اوهان پنهنجي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ
ڪا رڍ ٻڪري بہ منهنجي حضور ۾ نہ آندي آهي،
ڀلا مون اوهان کي نذرانن آڻن لاءِ مجبور ڪيو آهي ڇا؟
يا لوبان ساڙڻ لاءِ اوهان کي ڪا تڪليف ڏني اٿم ڇا؟
24اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو،
نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان
مون کي راضي ڪيو اٿوَ.
اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني،
۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.
25پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان،
جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان.
هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.
26مون سان گڏ عدالت ۾ هلو،
۽ هلي پنهنجا دليل پيش ڪريو.
اوهين پنهنجو مقدمو بيان ڪريو،
تہ جيئن ثابت ڪري سگھو تہ اوهين حق تي آهيو.
27اوهان جي #43:27 پهرئين ابي ڏاڏي هن مان مراد گھڻو ڪري يعقوب آهي، جنهن جي نالي سان سندس نسل سڏيو وڃي ٿو، پر ڪي انهيءَ مان مراد ابراهيم يا آدم وٺن ٿا.پهرئين ابي ڏاڏي گناهہ ڪيو،
۽ اوهان جي اڳواڻن منهنجي نافرماني ڪئي.
28تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو.
مون بني يعقوب تي لعنت آندي،
هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“