1
عيسيٰ مسيح خدا جي ذات جو نقش
1اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو. 2پر هاڻي هن #1:2 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين. 3اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 4اهڙيءَ طرح هو ملائڪن کان اوتري قدر عظيم ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي ملائڪ نالي کان عظيم نالو ورثي ۾ مليو.
عيسيٰ مسيح ملائڪن کان مٿاهون
5 #
زب 2:7، 2.سم 7:14، 1.توا 17:13 ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن عيسيٰ کي فرمايائين تہ
”تون منهنجو فرزند آهين،
هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان“؟
يا ڪنهن ملائڪ بابت هي فرمايو اٿائين تہ
”آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس
۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو“؟
6 #
شر 32:43
وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي فرزند کي دنيا ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ
”مون خدا جا سڀ ملائڪ هن کي سجدو ڪن.“
7 #
زب 104:4
ملائڪن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي ملائڪن کي هوائون،
بلڪ پنهنجي انهن خادمن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“
8 #
زب 45:6-7
پر پنهنجي فرزند کي هو فرمائي ٿو تہ
”اي خدا! تنهنجو تخت
هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو.
تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.
9تو سچائيءَ سان محبت،
۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي.
تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا
تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري
تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“
10 #
زب 102:25-27
هو فرزند کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ
”اي خداوند! تو شروع ۾ زمين کي بڻايو،
۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.
11اهي سڀ ناس ٿي ويندا،
پر تون قائم رهندين.
اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
12تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين.
هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين.
پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين،
۽ تنهنجي زندگي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“
13 #
زب 110:1
ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟
14ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ #1:14 روح هتي استعمال ٿيل لفظ ”روح“ ۽ عبرانين 1:7 ۾ استعمال ٿيل لفظ ”هوائون“ لاءِ يوناني ٻوليءَ جي اصلي متن ۾ هڪڙو ئي لفظ استعمال ٿيل آهي. روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟