YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 6

6
1تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري خدا تي ايمان آڻڻ، 2هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا برڪت گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت بابت تعليم. 3جيڪڏهن خدا گھريو تہ اسين انهن ڳالهين کان اڳتي وڌنداسين.
4پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آهن 5۽ خدا جي چڱي پيغام ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون، 6پر ان جي باوجود بہ اهي عيسيٰ مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ خدا جي فرزند کي ٻيهر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.
7ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿئي ٿي. 8#پيد 3‏:17‏-18، يس 5‏:1‏-6، ملا 4‏:1، يو 15‏:6 پر جيڪا زمين ڪَنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنهن ڪم جي ناهي. انهيءَ تي جلد ئي لعنت اچي پوي ٿي ۽ آخرڪار انهيءَ تي باهہ لڳائي وڃي ٿي.
9پر اي عزيزؤ! جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون لکون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي باري ۾ انهن بهترين ڳالهين جو يقين ٿا رکون، جيڪي ڇوٽڪاري سان لاڳو آهن. 10انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو. 11اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو خدمت ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين. 12سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.
خدا جو مضبوط ۽ قائم رهندڙ واعدو
13خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي. 14#پيد 22‏:16‏-17 ان وقت خدا کيس فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندي تنهنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“ 15انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.
16ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن. 17ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي. 18سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي. 19#لاو 16‏:2 اها اميد اسان لاءِ سامونڊي جهاز جي مضبوط ۽ قائم رهندڙ لنگر مثل آهي، جيڪا #6‏:19 پردي جي پٺيان هن مان مراد مقدس خيمي جو اهو پردو آهي جيڪو مقدس جاءِ ۽ مقدس ترين جاءِ جي وچ ۾ ٽنگيل هو ۽ جنهن جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ سردار ڪاهن سال ۾ رڳو هڪ دفعو داخل ٿي سگھندو هو.پردي جي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ پهچي ٿي جتي خدا رهي ٿو. 20#زب 110‏:4 اتي عيسيٰ هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.

Currently Selected:

عبرانين 6: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in