1
عبرانين 3:1
Sindhi Bible FB
SB
اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
Compare
Explore عبرانين 1:3
2
عبرانين 1:1-2
اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو. پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.
Explore عبرانين 1:1-2
3
عبرانين 14:1
ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟
Explore عبرانين 1:14
4
عبرانين 10:1-11
هو فرزند کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي خداوند! تو شروع ۾ زمين کي بڻايو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن. اهي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون قائم رهندين. اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
Explore عبرانين 1:10-11