5
يروشلم تي ايندڙ تباهيءَ لاءِ وارن جو مثال
1خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي تکي تلوار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگر انهيءَ سان پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪوڙ. پوءِ انهن وارن کي تارازيءَ ۾ توري ٽي حصا ڪر. 2انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس. 3انهن وارن مان ڪي ٿورا کڻي پنهنجي دامن ۾ ٻڌي ڇڏ. 4وري انهن مان ڪجھہ وار ڪڍي باهہ ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏ. انهن مان هڪ اهڙي باهہ نڪرندي جيڪا بني اسرائيل جي پوري قوم ۾ ڦهلجي ويندي.“
5تڏهن خداوند خدا مون کي سمجھايو تہ ”ڏس، هيءَ نقشي واري سر اهو ئي يروشلم آهي، جنهن کي مون ٻين سمورن ملڪن ۽ قومن کان وڌيڪ رتبو عطا ڪيو. 6پر يروشلم وارن منهنجي حڪمن ۽ منهنجي شريعت خلاف بغاوت ڪئي ۽ پاڻ کي ٻين قومن ۽ آسپاس وارن ملڪن کان وڌيڪ بدڪار ثابت ڪيو. هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪيو ۽ منهنجي شريعت تي هلڻ کان انڪار ڪيائون.
7تنهنڪري اي يروشلم وارؤ! ٻڌو، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي آسپاس وارين قومن کان وڌيڪ فسادي ٿي ويا آهيو ۽ منهنجي حڪمن تي نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آسپاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي بہ نہ هليا آهيو. 8تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان کي سزا ڏيندس. اوهان جي آسپاس واريون سموريون قومون اهو سڀ ڪجھہ ڏسنديون. 9اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن تي اهڙي خوفناڪ سزا آڻيندس، جيڪا مون نہ ڪڏهن اڳ آندي آهي، نہ ئي وري اڳتي ڪڏهن آڻيندس. 10#زار 4:10 هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.
11آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بيحرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس. 12باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس. 13اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.
14تنهن کان سواءِ آءٌ اوهان جي شهر کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ آسپاس واريون قومون ۽ اتان لنگھندڙ هر ماڻهو اهو ڏسي اوهان کي ملامت ڪندو. 15اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آسپاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.
16آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن جو رزق بند ڪري ڇڏيندس، سو اهي بکن وگھي پيا مرندا. اهي بک جي اهڙي تڪليف محسوس ڪندا، ڄڻڪ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ تکا تير هلايا ويا هجن. 17#مڪا 6:8 اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“