4
يروشلم جي تباهيءَ جا پيغام
(4:1–24:27)
بابل ۾ جلاوطنن لاءِ يروشلم جي ٻيهر گھيري بابت نشانيون
1خداوند فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي سر کڻ ۽ اها پنهنجي اڳيان رک، ۽ مٿس يروشلم شهر جو نقشو ڪڍ. 2پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار. 3پوءِ تون لوهہ جو هڪڙو تئو کڻ. اهو تئو پنهنجي ۽ سر تي نقش ڪيل شهر جي وچ تي لوهہ جي ديوار طور کڙو ڪر. تون پنهنجيون نظرون شهر ڏانهن کُپائج، تہ جيئن شهر گھيري هيٺ محسوس ٿئي. بيشڪ تون ئي انهيءَ کي گھيرو ڪرڻ وارو ٿيندين. اهو سڀ ڪجھہ بني اسرائيل قوم لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.
4-5تنهن کان پوءِ تون پنهنجي کاٻي پاسي تي ليٽي پئج ۽ اتي ٽي سؤ نوي ڏينهن تائين بني اسرائيل جي گناهن جي سزا جي نشان طور پيو رهج. اهڙيءَ طرح تون بني اسرائيل قوم جا گناهہ ڄڻ تہ پاڻ تي کڻندين ۽ تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين. 6جڏهن تون اهي ڏينهن پورا ڪرين، تڏهن وري پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي پئج ۽ يهوداہ وارن جي گناهن جي سزا جي نشان طور چاليهن ڏينهن تائين اتي پيو رهج. تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين.
7انهيءَ دوران تون پنهنجيون اکيون يروشلم جي گھيري ڏانهن کُپائج ۽ شهر مٿان پنهنجي مڪ لوڏي انهيءَ جي خلاف مون خداوند جو پيغام ٻڌائج. 8آءٌ تو کي ٻڌي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ تون پاسو ورائي نہ سگھين، جيستائين شهر جي گھيري جا مقرر ڏينهن پورا ٿي نہ وڃن.“
9خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”هاڻي تون پنهنجي لاءِ ڪجھہ ڪڻڪ، جَوَ، چونرا، مهريءَ جي دال، ٻاجھري ۽ چيڻو کڻ. روزانو انهن سڀني جي اٽي کي ٿانوَ ۾ ملائي پنهنجي لاءِ ماني پچائج. جيترا ڏينهن تون کاٻي پاسي تي ليٽيو رهندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن اها ئي پيو کائج. 10تو کي هر روز رڳو اڍائي سؤ گرامن جي وزن جيتري هڪڙي ماني مقرر وقت تي کائڻ جي اجازت هوندي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ نہ کائيندين. 11تو کي پاڻي مقرر وقت تي ماپي پيئڻو پوندو، يعني هر روز رڳو ٻہ گلاس، انهيءَ کان وڌيڪ نہ پيئندين. 12تون ماڻهن جي سڪل ڪاڪوس جي باهہ ٻاري سڀني جي اڳيان انهيءَ تي پنهنجي کائڻ لاءِ ماني پچائيندين. 13اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي ناپاڪ ماني انهن قومن جي وچ ۾ کائيندا، جن وٽ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس.“
14تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“ 15تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو کي انساني گندگيءَ جي بدران ڳئونءَ جي ڇيڻن مان باهہ ٻاري انهيءَ تي پنهنجي ماني پچائڻ جي اجازت ٿو ڏيان.“
16خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا. 17انهيءَ لاءِ تہ اهي کاڌي پيتي جا محتاج بڻجي هڪٻئي ڏانهن حيراني ۽ پريشانيءَ سان ڏسن ۽ پنهنجن گناهن جي سزا ۾ آهستي آهستي ڳرندا سڙندا وڃن.“