6
بتپرستيءَ جي ڪري بني اسرائيل کي نندڻ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجو منهن بني اسرائيل جي ملڪ جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ 3’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي. 4اوهان جون قربانگاهون ڊاهيون وينديون ۽ اوهان جون لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون پڻ ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. آءٌ بتن جي پوڄا ڪرڻ وارن سڀني کي سندن بتن جي اڳيان ماري اڇلائي ڇڏيندس. 5هائو، آءٌ اوهان جي رهاڪن جا لاش سندن بتن اڳيان اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهن جا هڏا سندن قربانگاهن جي چوڌاري پکيڙي ڇڏيندس. 6آءٌ بني اسرائيل جي سڀني شهرن ۽ ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، نہ رڳو سندن بت، قربانگاهون ۽ لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون، بلڪ هنن جي ٺاهيل هر شيءِ کي آءٌ تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. 7سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ماڻهو قتل ڪيا ويندا ۽ جيڪي باقي بچندا سي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
8تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس، 9جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بيوفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا. 10هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کين جيڪي تنبيهون ڪيون هيون سي خالي دڙڪا نہ هئا.‘“
11پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقيايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘ 12بيشڪ جيڪي پري آهن سي وبا سان ماريا ويندا ۽ جيڪي ويجھو آهن سي جنگ ۾ ماريا ويندا. باقي جيڪي بچندا سي ڏڪار سان ماريا ويندا. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس. 13پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 14هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“