43
هيڪل ڏانهن خداوند جي واپسي
1پوءِ اهو ماڻهو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي انهيءَ لنگھہ وٽ وٺي آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. 2#حز 10:3-4،18-19، 11:22-23، مڪا 1:15 جيئن ئي مون نهاريو تہ مون کي بني اسرائيل جي خدا جو جلوو اوڀر طرف کان ايندو نظر آيو. خدا جي اچڻ جو آواز سمنڊ جي گجگوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آيو. ڌرتي سندس جلوي جي تجليءَ سان چمڪڻ لڳي. 3#حز 1:1–3:15، 8:1–11:25 هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو. 4خداوند جي تجلي انهيءَ اوڀر واري دروازي مان هيڪل جي چوديواريءَ کان اندر گھڙي ويئي.
5تڏهن خداوند جي روح مون کي مٿي کنيو ۽ آڻي اندرين اڱڻ ۾ لاٿائين، جتي آءٌ ڇا ڏسان تہ هيڪل جي عمارت خداوند جي تجليءَ سان ڀرجي ويئي آهي. 6اهو ساڳيو ماڻهو جنهن ماپ ڪئي سو منهنجي پاسي ۾ بيٺو هو، تڏهن مون هيڪل جي عمارت جي اندران خداوند جو آواز ٻڌو، جنهن مون کي فرمايو تہ 7”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا. 8ان کان علاوہ بني اسرائيل جي بادشاهن پنهنجا محلات منهنجي هيڪل جي ايترو تہ ويجھو ڪري جوڙايا جو هنن جي ۽ منهنجي هيڪل جي وچ ۾ رڳو هڪڙي ڀت هئي ۽ هنن جي محلاتن جا دروازا منهنجي هيڪل ۾ ٿي کُليا. هائو، هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪري منهنجي نالي جي بيحرمتي ڪئي، تنهنڪري مون پنهنجو غضب نازل ڪري کين فنا ڪري ڇڏيو. 9پر جيڪڏهن هاڻي بني اسرائيل ۽ سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي مري ويل بادشاهن جا يادگار منهنجي هيڪل مان هٽائي ڇڏين، تڏهن آءٌ هميشہ جي لاءِ انهن منجھہ رهندس.
10سو اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون بني اسرائيل کي منهنجي هيڪل بابت ٻڌائي ڇڏ تہ جيئن اهي هيڪل جي ماپ ڪري پنهنجي ڪيل گناهن تي شرمسار ٿي ڪري پشيمان ٿين. 11پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿين، تڏهن کين هيڪل جو نقشو سمجھاءِ. انهيءَ جي ترتيب، انهيءَ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا لنگھہ ۽ انهيءَ جي پوري شڪل، هر ڪنهن شيءِ جي انتظام ۽ هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قاعدن قانونن بابت انهن کي سمجھاءِ. انهن سڀني ڳالهين جو نقشو ٺاهي انهن جي آڏو رک تہ جيئن اهي پوري انتظام کي سمجھي سگھن ۽ منهنجي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪن.
12هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“
اندرين اڱڻ جي قربانگاهہ کي مخصوص ڪرڻ جا قاعدا قانون
13 #
خر 27:1-2، 2.توا 4:1 جهڙي نموني سڄي هيڪل جي ماپ ڪئي ويئي هئي انهيءَ ساڳي پيماني مطابق قربانگاهہ جون ماپون بہ هن ريت آهن. قربانگاهہ جي بنياد جي چوڌاري نالي ٺهيل هئي، جيڪا اڌ ميٽر اونهي ۽ اڌ ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ ناليءَ جي چوڌاري ميٽر جي چوٿين حصي جيتري اوچي ڪناري ٺهيل هئي. قربانگاهہ جي بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ماپ هن ريت آهي. 14قربانگاهہ جو پهريون حصو بنياد کان هڪ ميٽر اوچو هو. قربانگاهہ جو ٻيو حصو پهرئين حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ ميٽر هئي. انهيءَ کان پوءِ وارو حصو پڻ ٻئي حصي جي ڪناري کان چوڌاري اڌ ميٽر اندر هو. 15هي بلڪل مٿيون حصو هو جنهن تي قربانيون ساڙيون وينديون هيون، سو پڻ ٻہ ميٽر اوچو هو. انهيءَ جي چئني ڪنڊن تي سڱ ٺهيل هئا جيڪي مٿئين حصي جي ڪناري کان وڌيڪ اوچا هئا. 16قربانگاهہ جي مٿئين حصي جو مٿاڇرو جيڪو آتشدان هو سو چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي. 17قربانگاهہ جو وچون حصو پڻ چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ست ست ميٽر هئي. ان جي ٻاهران چوڌاري ڇيڙن وٽ ڪناري ٺهيل هئي جنهن جي ويڪر ميٽر جو چوٿون حصو هئي. جڏهن تہ قربانگاهہ جي بنياد وٽ جيڪا نالي هئي سا اڌ ميٽر اونهي هئي. قربانگاهہ جي مٿئين حصي تائين چڙهڻ لاءِ اوڀر طرف کان ڏاڪا ٺهيل هئا.
18 خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! جڏهن قربانگاهہ تعمير ٿي وڃي تڏهن جيڪي قاعدا قانون آءٌ کيس وقف ڪرڻ لاءِ تو کي هاڻي ٻڌايان ٿو، تن تي تون عمل ڪراءِ. تنهن کان پوءِ اها قربانگاهہ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ٿيڻ لاءِ ۽ قرباني ڪيل جانورن جو رت ڇٽڪارڻ لاءِ مخصوص ٿيندي. 19جيڪي ڪاهن مون پنهنجي حضور ۾ حاضر رهي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيا آهن، سي لاوي قبيلي مان صدوق جي نسل وارا آهن. سو قربانگاهہ جي وقف ڪرڻ وقت تون کين هڪڙو وهڙو ڏجانءِ جيڪو انهن لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربان ڪيو وڃي. 20انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي قربانگاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي، وچين حصي جي چئني ڪنڊن ۽ چوڌاري واري ڪناري تي ڇٽڪاريو وڃي. اهڙيءَ طرح اها قربانگاهہ پاڪ ٿي ويندي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ پليتي نہ رهندي. 21پوءِ انهيءَ ڪُٺل وهڙي کي کڻي هيڪل جي چوديواريءَ کان ٻاهر مقرر ڪيل جاءِ تي ساڙيو وڃي. 22ٻئي ڏينهن هڪڙو بيعيب ڇيلو آڻي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪيو وڃي. انهيءَ جي رت سان قربانگاهہ کي بلڪل ساڳئي نموني پاڪ ڪيو وڃي جيئن وهڙي جي رت سان پاڪ ڪيو ويو هو. 23جڏهن قربانگاهہ پاڪ ٿي وڃي تڏهن هڪڙو ٻيو بيعيب وهڙو ۽ هڪڙو بيعيب گھٽو آڻي قربان ڪيا وڃن. 24جڏهن اهي جانور منهنجي حضور ۾ ذبح ڪيا وڃن تڏهن ڪاهن انهن تي لوڻ ڇٽين ۽ پوءِ اهي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪن. 25پوءِ لڳاتار ستن ڏينهن تائين روزانو هڪڙو ڇيلو، هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گھٽو جيڪي سڀ بيعيب هجن سي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. 26اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين ڪاهن قربانيون ڪندي قربانگاهہ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪن. 27#خر 29:35-37 جڏهن اهي ست ڏينهن پورا ٿي وڃن، تڏهن اٺين ڏينهن کان ڪاهن ٻين ماڻهن جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واسطي قربانيون پيش ڪرڻ شروع ڪن. تڏهن آءٌ اوهان سڀني بني اسرائيل وارن تي راضي ٿيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“