44
اوڀر واري لنگھہ جو بند رهڻ
1پوءِ اهو ماڻهو مون کي موٽائي هيڪل جي چوديواريءَ جي اوڀر طرف واري ٻاهرين لنگھہ وٽ وٺي آيو، جيڪو بند پيو هو. 2#حز 43:4 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”هي لنگھہ بند رهندو ۽ ڪڏهن بہ نہ کلندو. هائو، ڪنهن بہ انسان کي انهيءَ مان اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ هوندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ منجھان داخل ٿيو آهيان. سو اهو بند رهندو. 3تنهن هوندي بہ وقت جي حڪمران کي منهنجي حضور ۾ نذرانو ڪيل قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ انهيءَ لنگھہ ۾ اچڻ گھرجي. پر هو رڳو ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ واري هال وٽان اچي وڃي سگھي ٿو.“
هيڪل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ قاعدا قانون
4تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي اتر واري لنگھہ کان هيڪل جي عمارت جي اڳيان وٺي آيو. مون جيئن ئي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ خداوند جي هيڪل خداوند جي تجليءَ سان ڀري پيئي آهي. تڏهن آءٌ هڪدم منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس. 5خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڌيان ڏي. جيڪي ڪجھہ آءٌ خداوند پنهنجي هيڪل جي ريتن رسمن ۽ قاعدن قانونن بابت ٻڌايان ٿو سو سڀ ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ اکيون کولي ڏس. تون ذهن ۾ رک تہ ڪير ڪير منهنجي هيڪل جي چوديواريءَ اندر اچي وڃي سگھي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت نہ آهي.
6تون بني اسرائيل جي فسادي قوم کي مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان جا ڪراهت جهڙا ڪم حد کان وڌي ويا آهن. 7اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻطهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. 8اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي. 9سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻطهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“
لاوين لاءِ سزا
10خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس. 11انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا. 12جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس. 13اها سزا هيءَ آهي جو آئيندہ اهي ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ نہ اچن، نڪي هو منهنجي هيڪل ۾ پاڪ توڙي پاڪ ترين شيون جيڪي مون خداوند لاءِ مخصوص آهن، تن جي ويجھو اچن. اهڙيءَ طرح اهي سندن بڇڙائيءَ ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري ذليل وَ خوار ٿيندا. اها ئي انهن لاءِ سزا آهي. 14تنهن هوندي بہ آءٌ هنن کي هيڪل جي سار سنڀال ۽ انهيءَ جي هر طرح جي خدمت چاڪريءَ ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻو هوندو تنهن لاءِ مقرر ڪندس.“
ڪاهنن لاءِ قاعدا قانون
15 خداوند خدا فرمايو تہ ”لاوي قبيلي مان صدوق ڪاهن جي نسل وارا ئي ڪاهن جي حيثيت ۾ منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ منهنجي ويجھو ايندا. اهي ئي منهنجي حضور ۾ حاضر رهي قربانين جي چرٻي ۽ رت پيش ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، تڏهن اهي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي وفاداريءَ سان سار سنڀال ڪندا رهيا. 16رڳو اهي ئي منهنجي هيڪل جي عمارت ۾ داخل ٿيندا، منهنجي قربانگاهہ تي قربانيون پيش ڪندا ۽ هيڪل اندر منهنجي لاءِ مقرر ڪيل ڪم پورا ڪندا.
17-18 #
خر 28:39-43، لاو 16:4 جڏهن اهي لنگھن وٽان هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، تڏهن رڳو سنهي وٽيل سڻيءَ وارا عمدا ڪپڙا پهريل هجن تہ جيئن کين پگھر نہ اچي. اندرين اڱڻ ۾ توڙي هيڪل جي عمارت ۾ اهي ڪوبہ اوني ڪپڙو نہ پائين، نڪي پنهنجي چيلهہ سان ڪا شيءِ ٻڌن. هنن کي مٿي تي سنهي وٽيل سڻيءَ جي عمدي ڪپڙي جا پٽڪا ٻڌل هجن ۽ هيٺ ساڳي ئي ڪپڙي جون شلوارون پهريل هجن. 19#لاو 16:23 جڏهن هو نڪري ٻاهرين اڱڻ ۾ عام ماڻهن وٽ اچن، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي هيڪل جي ڪمرن ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو عام ماڻهو سندن مخصوص پوشاڪ کي ڇُهي پاڻ تي مون خداوند جو غضب آڻي.
20 #
لاو 21:5
ڪاهن نڪي پنهنجا مٿا ڪُوڙائين ۽ نہ ئي وري وارن کي وڏو ٿيڻ ڏين، بلڪ هو پنهنجي مٿي جي وارن کي رڳو ڪترائين. 21#لاو 10:9 ڪاهن اندرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪابہ نشي واري شيءِ نہ واپرائين. 22#لاو 21:7،13-14 هو نڪي ڪنهن رنزال سان ۽ نہ وري ڪنهن طلاق ڏنل عورت سان شادي ڪن، بلڪ هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنوارين ڇوڪرين سان شادي ڪن، يا وري انهيءَ رنزال سان شادي ڪن جيڪا ڪنهن ڪاهن جي رنزال هجي.
23 #
لاو 10:10
ڪاهنن کي گھرجي تہ هو منهنجي قوم کي مخصوص شين ۽ عام شين جي وچ ۾ ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ سيکارين. 24جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ٿيڻ نہ ڏين.
25 #
لاو 21:1-4
ڪاهنن کي گھرجي تہ هو ڪنهن بہ مئل ماڻهوءَ کي ڇهي پاڻ کي پليت نہ ڪن. البت هو رڳو پنهنجي پيءُ، ماءُ، پٽ، ڌيءُ، ڀاءُ يا ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھن ٿا. 26جيڪڏهن ڪو ان طرح ناپاڪ ٿي پيو هجي تہ هو پهريائين پاڻ کي پاڪ ڪري ۽ پوءِ ستن ڏينهن تائين انتظار ڪري. 27تنهن کان پوءِ جڏهن هو خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وڃي، تڏهن هو پهريائين پنهنجي لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني پيش ڪري. پوءِ هو ٻيهر ڪاهن طور هيڪل جي عمارت ۾ منهنجي خدمت ڪري سگھي ٿو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
28 #
ڳا 18:20
جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ورثي طور ڏنو آهي، تنهن مان ڪاهنن کي ڪابہ ميراث نہ ڏني ويندي، آءٌ ئي انهن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان. هائو، بني اسرائيل ۾ کين ڪهانيت کان سواءِ ڪوبہ ٻيو حصو ڪونہ ڏنو ويندو، آءٌ پاڻ سندن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان. 29#ڳا 18:8-19 سندن خوراڪ لاءِ کين اناج جي قربانين، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين مان حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ بني اسرائيل ۾ جيڪي بہ شيون مون لاءِ وقف ڪيون وينديون سي هنن جون ٿينديون. 30هر فصل جي پيداوار جو پهريون حصو ڪاهنن جو هوندو. ان کان سواءِ هر نذراني جو پهريون حصو ڪاهنن کي ملندو ۽ هر دفعي اناج جي پچايل شين مان پهريون حصو بہ ڪاهنن کي ڏنو ويندو، تہ جيئن بني اسرائيل قوم تي برڪت نازل ٿئي. 31#لاو 22:8 ڪاهن اهڙي ڪنهن بہ پکيءَ يا جانور جو گوشت نہ کائيندا جيڪو پنهنجو پاڻ مري ويو هجي يا ڪنهن جانور انهيءَ کي ماريو هجي.“