42
هيڪل جي عمارت جي ڀر واريون ٻہ عمارتون
1پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي اتر پاسي واپس ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي آيو جتي هڪ عمارت ٺهيل هئي. اها عمارت هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي اتر طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي. 2انهيءَ عمارت جو اتر وارو پاسو پنجاهہ ميٽر ڊگھو هو ۽ عمارت جي ويڪر پنجويهہ ميٽر هئي. 3سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو. 4-6مٿئين ٽئين طبقي وارا ڪمرا هيٺين ٻن طبقن وارن ڪمرن کان وڌيڪ سوڙها هئا، ڇاڪاڻ تہ هيٺين ۽ وچين طبقن جي ڪري مٿئين طبقي لاءِ ايتري جڳهہ ڪانہ هئي. اهو انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ عمارت کي ٽي طبقا هئا ۽ ان کي ٿنڀا نہ هئا جيئن هيڪل جي چوديواريءَ وارين ٻين عمارتن کي هئا.
انهيءَ عمارت جي اترئين پاسي تي ڪمرن جا دروازا هئا، جن جي اڳيان پنج ميٽر ويڪري ۽ پنجاهہ ميٽر ڊگھي گھٽي هئي. 7انهيءَ گھٽيءَ جي پاسي تي دروازن جي سامهون هڪ ڀت هئي جيڪا ٻاهرين اڱڻ وٽ رڳو پنجويهہ ميٽر ڊگھي هئي، 8ڇاڪاڻ تہ اهي ڪمرا جيڪي ٻاهرين اڱڻ ۾ اولهہ طرف ٺهيل هئا، تن جي ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر هئي. سو گھٽيءَ جي ڀرسان انهن ڪمرن ۽ ڀت جي گڏيل ڊيگھہ عمارت جيتري هئي يعني پنجاهہ ميٽر. 9-10گھٽيءَ جي اوڀر طرف جتان ڀت جي شروعات پئي ٿي، اتي انهيءَ عمارت جي ڪمرن ڏانهن وڃڻ لاءِ، ٻاهرين اڱڻ وٽ چاڙهي هئي.
هيڪل جي ڏکڻ طرف ساڳيءَ ئي طرح هڪ ٻي عمارت ٺهيل هئي، جيڪا هيڪل جي اولهہ طرف واري عمارت جي ڏکڻ طرف هئي ۽ ان کان پري نہ هئي. پر انهيءَ عمارت جو رخ اتر واري عمارت جي ابتڙ هو. 11انهيءَ عمارت جي اڳيان واري گھٽي ۽ دروازا بہ بلڪل ساڳيءَ ئي طرح ٺهيل هئا، بلڪ انهيءَ عمارت جي ماپ ۽ نمونو بہ هڪجهڙو هو. 12ساڳيءَ ئي طرح گھٽيءَ جي اوڀر طرف جتان ڀت جي شروعات پئي ٿي، اتي انهيءَ عمارت جي ڪمرن ڏانهن وڃڻ لاءِ، ٻاهرين اڱڻ وٽ چاڙهي هئي.
13پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن. 14جڏهن ڪاهن هيڪل جي اندرين اڱڻ مان نڪري وڃڻ چاهين، تڏهن انهن کي خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص پوشاڪون لاهي انهن ڪمرن ۾ رکڻيون پونديون. پوءِ هو عام ڪپڙا پائي ٻاهرين اڱڻ ۾ ٻين ماڻهن جي ويجھو وڃي سگھندا.“
هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ
15هاڻي جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي اندرين اڱڻ جي ايراضي ماپي بس ڪئي، تڏهن هو مون کي ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر پاسي واري لنگھہ کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضيءَ جي ماپ ورتائين. 16هن ماپ وارو ڪانو کڻي هيڪل جي چوديواريءَ جو اوڀر وارو پاسو ماپيو، جيڪو ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر هو. 17-19پوءِ هن اتر، ڏکڻ ۽ اولهہ طرف وارن پاسن جي ماپ ڪئي، جيڪا هر پاسي کان هڪ جيتري يعني ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر هئي. 20سو هيڪل جي چوديواريءَ جي چئني پاسن جون ڀتيون ڊيگھہ توڙي ويڪر ۾ ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر چورس هيون. انهيءَ ڀت خداوند لاءِ مخصوص جاءِ کي عام جاين کان ڌار ٿي ڪيو.