Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 37

37
سڪل هڏين جي جيئري ٿيڻ بابت رويا
1هڪڙي دفعي مون حزقي‌ايل تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي. هن جي روح مون کي کڻي هڪڙي اهڙي ماٿريءَ ۾ آڻي لاٿو، جيڪا انساني هڏين سان ڀري پيئي هئي. 2هن مون کي ماٿريءَ ۾ چوڌاري گھمايو ڦيرايو ۽ مون ڏٺو تہ هڏيون تمام گھڻيون پيون هيون ۽ اهي سڀيئي بلڪل سڪل هيون. 3خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهن هڏين مان وري زندہ انسان ٺهي سگھن ٿا يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”اي خداوند خدا! اهو تون ئي ڄاڻين ٿو.“ 4تڏهن هن وري مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڪل هڏين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ 5’ڏسو، اي سڪل هڏيون! آءٌ خداوند خدا اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين وري زندہ انسان ٿي پونديون. 6هائو، آءٌ اوهان تي نسون لڳائي ماس چاڙهيندس ۽ اوهان کي کل سان ڍڪي ڇڏيندس. پوءِ اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين زندہ انسان ٿي پونديون ۽ ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
7سو جيئن مون کي حڪم مليو تيئن ئي مون اهو پيغام پهچايو. اڃا آءٌ ڳالهائي ئي رهيو هئس تہ مون کي کڙڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا ڏسان تہ هڏين ۾ چرپر پئجي ويئي ۽ اهي هڪٻئي سان اچي ڳنڍجڻ لڳيون. 8منهنجي ڏسندي ئي انهن تي نسون لڳي ويون، ماس چاڙهيو ويو ۽ مٿان کل ڍڪجي وينِ. پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ پيو هو.
9تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! هاڻي هوا کي مون خداوند خدا جو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’اي هوا! هر طرف کان گھلندي اچ ۽ هنن قتل ٿيل لاشن ۾ ساهہ وجھہ تہ اهي وري زندہ ٿي پون.‘“ 10#مڪا 11‏:11 سو جيئن مون کي حڪم مليو هو تيئن ئي مون ڪيو. انهن لاشن ۾ ساهہ پئجي ويو ۽ اهي زندہ انسان ٿي پيا. پوءِ هو هڪڙي تمام وڏي لشڪر جي صورت ۾ پيرن ڀر اُٿي بيٺا.
11تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘ 12تنهنڪري تون هنن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ انهن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍندس. آءٌ اوهان کي موٽائي اوهان جي وطن ۾ آڻيندس. 13اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن اوهين مڃي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 14آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جو وري هڪ ٿيڻ
15 خداوند مون کي فرمايو تہ 16”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’يهوداہ جي بادشاهت.‘ پوءِ وري ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’اسرائيل جي بادشاهت.‘ 17پوءِ انهن ٻنهي ڪاٺين کي هڪٻئي سان گڏي پنهنجي هٿ ۾ جھل، جيئن اهي هڪڙي ئي ڪاٺي ڏسڻ ۾ اچن. 18جڏهن تنهنجي قوم جا ماڻهو تو کان پڇن تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟‘ 19تڏهن تون کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائج تہ ’آءٌ اسرائيل جي شاهي لٺ ۽ يهوداہ جي شاهي لٺ ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي گڏ ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهن ٻنهي کي پنهنجي هٿ ۾ جھليندس تہ اهي گڏجي هڪ ٿي وينديون.‘
20تون اهي ٻئي ڪاٺيون پنهنجي هٿ ۾ اهڙيءَ طرح جھل جو اهي هر ڪنهن کي هڪ ڏسڻ ۾ اچن. 21پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس. 22آءٌ انهن کي سندن ملڪ ۾، سندن ئي جبلن منجھہ گڏي هڪڙي ئي قوم بڻائيندس. انهن سڀني تي هڪڙو ئي بادشاهہ حڪومت ڪندو. پوءِ اهي وري ڪڏهن بہ ٻن قومن يا ٻن بادشاهتن جي صورت ۾ ورهائجي نہ ويندا. 23پوءِ اهي بتن جي پوڄا، ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ ڪنهن بہ بدڪاريءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ پليت نہ ڪندا. آءٌ سندن گناهہ ڌوئي کين پاڪ ڪري ڇڏيندس ۽ هر انهيءَ شيءِ کان انهن کي پري رکندس، جيڪا کين پليت ڪري. اهڙيءَ طرح هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس. 24#حز 34‏:24 منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا. 25هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا. 26تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان هميشہ واري سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس ۽ سندن اولاد کي گھڻو وڌائيندس ۽ پنهنجي مقدس هيڪل کي سندن ئي ملڪ ۾ هميشہ جي لاءِ قائم ڪندس. 27#2.ڪر 6‏:16، مڪا 21‏:3 سو آءٌ انهن منجھہ رهندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي سندن خدا هوندس. 28جڏهن منهنجي مقدس هيڪل هميشہ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندي، تڏهن غير قومون ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 37: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in