Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 38

38
ماجوج علائقي جو حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2#مڪا 20‏:8 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مسڪ ۽ توبل قومن جي حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج خلاف تون اڳڪٿي ڪر، جيڪو ماجوج جي علائقي ۾ رهي ٿو. هائو، تون کيس ننديندي 3مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، اي مسڪ ۽ توبل جا حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. 4آءٌ تو کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍا وجھي جنگ ڪرڻ لاءِ تنهنجي علائقي مان گهلي ٻاهر ڪڍندس. تنهنجي وڏي لشڪر ۾ گھڻا ئي جنگي جوڌا، گھوڙا ۽ گھوڙي سوار هوندا جيڪي سڀيئي هٿياربند هوندا ۽ وٽن سپرون، ڍالون ۽ تلوارون هونديون، تن سڀني کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس. 5انهن سان گڏ فارس، #38‏:5 سوڊان عبرانيءَ ۾ ”ڪُوش“ لکيل آهي. انهن ڏينهن ۾ هي علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو، جيڪو مصر جي ڏکڻ طرف آهي.سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن کي بہ گهلي ڪڍندس، جيڪي سڀيئي سپربردار ۽ جنگي ٽوپ پهريل هوندا. 6انهن کان علاوہ جُمر ملڪ توڙي اتر جي ڏورانهن علائقن مان بيت‌تُجرماہ جا سڀيئي ويڙهاڪو، مطلب تہ تو سان گڏ گھڻين قومن کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس. 7سو تون تيار رهہ. هائو، تون پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي سمورن ٽولن کي جيڪي تو وٽ اچي گڏ ٿيا هوندا، تن سڀني کي تيار رک. هائو، تون کين پنهنجي ضابطي ۾ رکي انتظار ڪر.
8ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا. 9مگر تون ۽ تنهنجا وڏا لشڪر ٻين قومن سان گڏجي خوفناڪ طوفان وانگر اچي انهن مٿان ڪڙڪندا ۽ ڪڪرن وانگر انهيءَ ملڪ مٿان ڇانئجي ويندا.‘“
10 خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين. 11‏-12تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
13اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘
14تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي. 15تنهنڪري تون پنهنجي اتر وارن ڏورانهن علائقن کان هلندين ۽ تو سان گڏ گھڻين ئي قومن جا وڏا ٽولا هوندا ۽ اهي گڏجي هڪ وڏو لشڪر ٿي پوندا. اهي سڀيئي گھوڙن تي سوار هوندا. 16تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي چڙهائي ڪري ايندين ۽ ملڪ مٿان ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندين. اهو سڀ ڪجھہ اڳتي هلي ٿيندو. اي ياجوج! آءٌ تو کي پنهنجي انهيءَ ملڪ تي چاڙهي آڻيندس، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي هر قوم تنهنجي انهن ڪمن مان ڄاڻي وٺي تہ مون خداوند ئي پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. 17گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
ياجوج تي خدا جو قهر نازل ٿيڻ
18 خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! انهيءَ ڏينهن تي جڏهن ياجوج بني اسرائيل مٿان چڙهائي ڪري ايندو، تڏهن آءٌ نهايت غضبناڪ ٿي ويندس. 19آءٌ پنهنجي غيرت ۽ قهر وچان اهڙو تہ خوفناڪ زلزلو موڪليندس جيڪو سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو. 20ايتري قدر جو ڌرتيءَ جو هر ساهوارو، هائو، مڇيون، پکي، جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيت توڙي هر انسان خوف وچان ڏڪڻ لڳندا. جبل پهاڙ هيٺ ڪري پوندا، اڀيون ٽڪريون توڙي شهرن جا قلعا اچي هيٺ ڦهڪو ڪندا. 21آءٌ خداوند خدا بني اسرائيل جي سڀني جبلن تان ياجوج مٿان جنگ نازل ڪندس. ياجوج جي فوج ايڏي تہ دهلجي ويندي جو اهي هڪٻئي مٿان تلوار هلائيندا. 22پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس. 23اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي عظمت ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس. آءٌ گھڻين قومن سان اهڙي نموني پيش ايندس جو اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 38: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in