سو جيئن مون کي حڪم مليو تيئن ئي مون اهو پيغام پهچايو. اڃا آءٌ ڳالهائي ئي رهيو هئس تہ مون کي کڙڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڇا ڏسان تہ هڏين ۾ چرپر پئجي ويئي ۽ اهي هڪٻئي سان اچي ڳنڍجڻ لڳيون. منهنجي ڏسندي ئي انهن تي نسون لڳي ويون، ماس چاڙهيو ويو ۽ مٿان کل ڍڪجي وينِ. پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ پيو هو.