Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 34

34
بني اسرائيل جي اڳواڻ بابت ڌنارن جو مثال
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي. 3اوهين رڍن ٻڪرين جو کير تہ پيئو ٿا، انهن جي اُن مان پنهنجا ڪپڙا تہ ٺاهيو ٿا ۽ انهن مان ٿلهيون متاريون رڍون ٻڪريون کائڻ لاءِ تہ ڪُهو ٿا. پر ڌڻ جي سنڀال نہ ٿا ڪريو. 4اوهان ڪڏهن بہ ضعيفن کي طاقت نہ ڏني آهي، نڪي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو اٿوَ، نہ وري ڀڳل عضون کي ٻڌي سڄو ڪيو اٿوَ. اوهان ڀٽڪي ويلن کي موٽائي نہ آندو آهي، نڪي گم ٿي ويلن کي ڳولي لڌو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ زور ۽ زبردستيءَ سان مٿن حڪم پئي هلايو آهي. 5#ڳا 27‏:17، 1.با 22‏:17، مت 9‏:36، مر 6‏:34 جيئن تہ رڍن ٻڪرين جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪوبہ ڌنار ڪونہ هو، تنهنڪري اهي چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويون ۽ جھنگلي جانورن انهن کي ماري پنهنجو کاڄ بڻائي ڇڏيو. 6سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.
7تنهنڪري هاڻي اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! ٻڌو تہ آءٌ خداوند خدا اوهان جي لاءِ ڇا ٿو چوان. 8‏-9منهنجيون رڍون ٻڪريون شڪار ٿي ويون آهن ۽ سڀني جھنگلي جانورن جي خوراڪ بڻيون آهن، ڇو تہ اوهان مان ڪوبہ انهن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي، نڪي ڪو گم ٿيل رڍن ٻڪرين کي ڳولي ٿو. اوهان منهنجي رڍن ٻڪرين کي چارڻ بدران پنهنجا ڍڍ پئي ڀريا آهن. سو اي اوهين! جن کي ڌنار جي ذميواري ڏني ويئي هئي، تن کي آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ 10ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
خداوند چڱو ڌنار
11 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ پاڻ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ پاڻ انهن جي سار سنڀال ڪندس. 12هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي #34‏:12 اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن يعني اهو وقت جڏهن بابلين يروشلم شهر تي چاڙهائي ڪري ان کي تباهہ وَ برباد ڪيو هو.اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون. 13آءٌ انهن کي غير قومن ۽ ٻين ملڪن مان ڪڍي آڻي سندن وطن ۾ آباد ڪندس. آءٌ انهن جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سندن ملڪ جي جابلو علائقن ۾، ندين وٽ، ۽ سڀني سرسبز چراگاهن ۾ چاريندس. 14هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون. 15آءٌ خداوند خدا پاڻ پنهنجين رڍن ٻڪرين جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سلامتيءَ واريءَ جاءِ ۾ رکندس.
16آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.
17سو هاڻي اي منهنجا ڌڻ! جيڪو بہ تڪرار تو منجھہ رڍن ٻڪرين ۾ ٿئي، تن جو آءٌ خداوند خدا پاڻ انصاف ڪندس. اي زورآور ۽ ٿلهي متاري رڍ ۽ ٻڪري! 18ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ کي خسيس ٿيون سمجھو، جو اوهين بهترين چراگاهہ مان گاهہ چرو ٿيون ۽ ڍءُ ڪرڻ بعد باقي گاهہ کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي خراب ٿيون ڪريو؟ اوهين پاڻ تہ صاف پاڻي پي ڍءُ ٿيون ڪريو ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي پنهنجي پيرن سان لتاڙي خراب ڪري ٿيون ڇڏيو؟ 19ڏسو، منهنجي ٻين رڍن ٻڪرين کي اوهان جو لتاڙيل گاهہ کائڻو ٿو پوي ۽ اوهان جو پيرن سان ڪنو ڪيل پاڻي پيئڻو ٿو پوي.
20تنهنڪري آءٌ خداوند خدا، هائو، آءٌ ئي اوهان ٿلهين متارين زورآور ۽ ڏٻرين رڍن ٻڪرين جي وچ ۾ انصاف ڪندس. 21جيئن تہ اوهين سڀيئي ڪمزورن کي پاسا ۽ ڪلها هڻي ڌڪا ٿيون ڏيو ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجا سڱ هڻي پري پري تائين ڀڄائي ٿيون ڪڍو. 22پر آءٌ پنهنجي ڌڻ کي بچائيندس ۽ انهن کي اڳتي شڪار ٿيڻ نہ ڏيندس. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين جي هر هڪ تڪرار کي انصاف سان نبيريندس.
23آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان هڪڙو ڌنار اوهان تي مقرر ڪندس، جيڪو منهنجي ڌڻ جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪندو. 24اهو ئي اوهان جو حاڪم هوندو ۽ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا هوندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
25خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون. 26آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون. 27پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 28پوءِ جھنگلي جانور وري منهنجي ڌڻ کي ماري نہ کائيندا. هائو، اڳتي اهي غير قومون ڪڏهن بہ منهنجي قوم کي پنهنجو شڪار نہ بڻائينديون، بلڪ هو امن وَ سلامتيءَ سان گذاريندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو. 29آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا. 30پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ بني اسرائيل منهنجي قوم آهي ۽ آءٌ خداوند ئي سندس خدا ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهيان. اهو منهنجو واعدو آهي. 31هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 34: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in