33
خداوند جو پنهنجيءَ قوم سان واعدو
(33:1–39:29)
خدا جو حزقيايل کي نگهبان مقرر ڪرڻ
(حزقيايل 3:16-21)
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ فرض ڪريو تہ آءٌ خداوند ڪنهن ملڪ تي سندن دشمن چاڙهي آڻيان، ۽ انهيءَ ملڪ وارا پاڻ منجھان ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن. 3پوءِ اهو نگهبان جڏهن دشمنن کي ويجھو ايندي ڏسندو تڏهن ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نفيل وڄائيندو. 4جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ نفيل جو آواز ٻڌي خبردار نہ ٿئي ۽ دشمن اچي کيس قتل ڪري ڇڏين تہ اهو پنهنجي قتل جو پاڻ ذميوار هوندو. 5جيڪو نفيل جو آواز ٻڌي بہ هوشيار نہ ٿيو، تنهن جو خون سندس ئي سر تي هوندو. پر جيڪڏهن هو هوشيار ٿئي ها تہ پنهنجي جان بچائي وٺي ها. 6پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.
7هاڻي اي حزقيايل! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 8جيڪڏهن آءٌ بدڪارن لاءِ چوان تہ اهي پنهنجي گناهن جي ڪري ضرور مرندا، تڏهن ضروري آهي تہ تون انهن کي خبردار ڪر تہ جيئن هو گناهن واري راهہ کان هٽي وڃن. پر جيڪڏهن تون انهن کي خبردار نہ ڪندين تہ پوءِ انهن جي موت جي ذميواري تنهنجي مٿان هوندي. 9جيڪڏهن تو انهن بدڪار ماڻهن کي خبردار ڪيو، تہ جيئن اهي بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿين، پر اهي توبهہتائب نہ ٿيا تہ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ماريا ويندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.“
انفرادي ذميواري
10خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘ 11سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟
12اي حزقيايل! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن سچار ڦري وڃي بدڪاريءَ وارو ڪم ڪن تہ سندن اڳئين سچائي کين سزا کان بچائي نہ سگھندي. وري بدڪار ماڻهو جڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿيندو تہ سندس اڳي واري بدڪاري هن جي موت جو سبب نہ بڻبي. پر سچار ماڻهو جڏهن ڦري وڃي گناهہ ڪرڻ لڳندو تہ جيئرو نہ رهندو. 13فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو. 14وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہتائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو. 15#شر 24:10-13 مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو. 16جيڪي بہ گناهہ هن اڳ ۾ ڪيا هوندا، سي سڀ آءٌ کيس معاف ڪري ڇڏيندس ۽ کيس جيئرو رکندس، ڇاڪاڻ تہ هن حق ۽ سچ جو رستو اختيار ڪيو آهي.
17اي حزقيايل! انهيءَ جي باوجود تنهنجا ماڻهو چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ جڏهن تہ هو پاڻ صحيح رستي کان هٽي ويا آهن. 18جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن پنهنجي گناهن جي ڪري هو ضرور مرندو. 19جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪارين کي ڇڏي حق ۽ سچ جو رستو اختيار ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي نيڪ ڪمن ڪري ضرور جيئرو رهندو. 20انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقيايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“
يروشلم تي قبضي جي خبر
21 #
2.با 25:3-10، ير 39:2-8، 52:4-14 اسان جي جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ تي مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو يروشلم کان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي ٻڌايو تہ شهر تي بابل وارن جو قبضو ٿي ويو آهي. 22انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ #33:22 گونگو ڏسو 3:26، جنهن ۾ لکيل آهي تہ خداوند حزقيايل نبيءَ کي گونگو بڻائي ڇڏيو هو. وري ڏسو 24:25-27، جنهن ۾ حزقيايل جي وري ڳالهائڻ جي اڳڪٿي ٿيل آهي.گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.
بني اسرائيل جي ملڪ ۾ باقي رهجي ويلن جا گناهہ
23 خداوند مون کي فرمايو تہ 24”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘ 25#لاو 17:10-16 سو اي حزقيايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو. 26اوهين رڳو پنهنجي تلوار تي ڀروسو ڪندي ڪراهت جهڙا ڪم ٿا ڪريو ۽ زناڪاري ٿا ڪريو. پوءِ بہ اوهين ڪيئن دعويٰ ٿا ڪريو تہ اهو ملڪ اوهان جو آهي؟
27آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس. 28آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو. 29جڏهن آءٌ اوهان جي ڪيل سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
حزقيايل نبيءَ جي پيغام جو نتيجو
30 خداوند فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! فيالحال تہ تنهنجي قوم جا ماڻهو جڏهن شهر جي گھٽين ۾ يا پنهنجي گھرن جي دروازن وٽ گڏجن ٿا تہ تنهنجي باري ۾ ٿا ڳالهائين. اهي هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’هلو تہ حزقيايل کان هلي پڇون تہ اڄ خداوند ڇا فرمايو آهي.‘ 31سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوتپرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. 32ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوتپرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن. 33پر جڏهن سزا بابت تنهنجيون اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، هائو، اهي سڀيئي ضرور پوريون ٿينديون، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي موجود آهي.“