Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 35

35
ادوم جي خلاف پيغام
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو رخ ادوم جي جابلو ملڪ ڏانهن ڪر ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي خلاف اڳڪٿي ڪندي 3مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
’اي ادوم ملڪ وارؤ!
ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند اوهان جي خلاف آهيان.
آءٌ اوهان جي ملڪ تي هٿ کڻندس،
۽ انهيءَ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.
4آءٌ اوهان جا شهر اجاڙي ڇڏيندس،
۽ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيندس.
پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
5اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي. 6تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان جو اهو ڏوهہ قتلام ڪندڙن جي ڏوهہ ۾ ليکيو ويو آهي، سو اوهين بہ خون جا ئي سزاوار ٿيندا. هائو، خوني اوهان جي پٺيان پوندا جنهنڪري اوهان جو بہ خون وهايو ويندو. 7بلڪ جيڪو بہ اوهان جي جابلو ملڪ مان گذرندو تنهن کي بہ آءٌ قتل ڪرائيندس. اهڙيءَ طرح ادوم سڃ ۽ ويران ٿي ويندو. 8آءٌ اوهان جي جابلو علائقي کي قتل ٿي ويلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان جي ٽڪرين، ماٿرين ۽ سڀني نهرن ۾ تلوار سان ڪٺلن کي ڪيرائي وجھندس. 9آءٌ اوهان جي ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جا شهر وري آباد نہ ٿيندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
10اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن. 11تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ اوهان جي انهيءَ نفرت ۽ حسد مطابق اوهان سان پيش ايندس، جهڙيءَ طرح اوهان پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان پيش آيا آهيو. جڏهن آءٌ اوهان سان اهڙي ئي نموني پيش ايندس تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي اوهان کي سزا ٿو ڏيان. 12پوءِ اوهين بہ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
بني اسرائيل جي ملڪ جي جابلو علائقن بابت اوهان جيڪا بڪواس ڪئي آهي تہ ”هاڻي اهو ملڪ اهڙيءَ حالت ۾ آهي جو اسين ان کي آسانيءَ سان ڳهي سگھون ٿا.“ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ٻڌو آهي. 13اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي. 14سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي برباديءَ تي سڄي دنيا خوشيون ملهايندي. 15اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 35: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in