Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 32

32
(ڇهين اڳڪٿي: مصر جو بادشاهہ هڪڙي اجگر بلا مثل)
1جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ
’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ
هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين،
پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين،
جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي.
تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.
3سو ٻڌي ڇڏ تہ
آءٌ خداوند خدا تو تي پنهنجو ڄار اڇلائي تو کي ڦاسائيندس.
پوءِ ٻين قومن هٿان تو کي گهلائي ڪناري تي ڪڍي آڻيندس.
4آءٌ تو کي خشڪيءَ تي آڻي مارائي ڇڏيندس،
۽ تنهنجو لاش کُليل ميدان تي اڇلائي ڇڏيندس.
پوءِ آءٌ سڀيئي پکي ۽ جانور تو تي ڇڏيندس،
جيڪي سڀ تنهنجو ماس کائي ڍءُ ڪندا.
5آءٌ تنهنجي باقي بچيل ڳريل سڙيل ڍونڍ سان
جبلن ۽ ماٿرين کي ڀري ڇڏيندس.
6تنهنجي ملڪ جي سڄي ڌرتيءَ کي ويندي جبلن تائين
آءٌ تنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڇڏيندس،
۽ ان جون سڀ نهرون تنهنجي خون سان ڀريل پيون وهنديون.
7 # يس 13‏:10، مت 24‏:29، مر 13‏:24‏-25، لو 21‏:25، مڪا 6‏:12‏-13، 8‏:12 جڏهن آءٌ تو کي نابود ڪندس،
تڏهن آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ڇڏيندس.
هائو، آءٌ تارن جي روشنيءَ کي ڍڪي ڇڏيندس،
سج بہ ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو،
۽ ڏسندي ڏسندي چنڊ جي روشنائي بہ نظر نہ ايندي.
8آءٌ آسمان جي سڀني چمڪندڙ تارن کي
تو مٿان اونداهو ڪري ڇڏيندس.
هائو، آءٌ تنهنجي ملڪ تي اونداهي آڻيندس.
اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
9جڏهن آءٌ تنهنجي برباديءَ جو
تنهنجي اڻ‌ڏٺل ملڪن ۾ اعلان ڪرائيندس،
تڏهن تنهنجو حال ٻڌي گھڻين قومن کي هيبت وٺي ويندي.
10جڏهن آءٌ انهن جي آڏو تو تي پنهنجي تلوار چمڪائيندس،
تڏهن گھڻيون ئي قومون تو تي حيران ٿي وينديون،
بلڪ سندن بادشاهن جي بہ لونءَ ڪانڊارجي ويندي.
هائو، اهي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن تي
هر گھڙيءَ پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا،
متان انهن کي بہ نہ قتل ڪيو وڃي.
11اي مصر جا بادشاهہ! هن پيغام جو مطلب سمجھي وٺ.
آءٌ خداوند خدا بابل جي بادشاهہ کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس.
12آءٌ تنهنجي لشڪر کي اهڙن زورآورن جي هٿان مارائيندس،
جيڪي سڀني قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن.
اهي تنهنجي ملڪ جي مغروريءَ کي ٽوڙي ڇڏيندا،
۽ تنهنجي لشڪر کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.
13آءٌ تنهنجي نهرن جي ڀرسان
چرندڙ ڍورن ڍڳن کي ڪهائي ڇڏيندس.
پوءِ نہ ڪنهن انسان جو پير،
۽ نہ وري ڪنهن جانور جو کُر پاڻيءَ کي ميرو ڪندو.
14تڏهن نهرن جو پاڻي صاف ٿي ويندو،
۽ درياءَ ماٺا ٿي وهندا.
اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
15جڏهن آءٌ مصر کي ويران ۽ سنسان ڪندس،
۽ اتي رهڻ وارن کي فنا ڪري ڇڏيندس،
تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
16اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو.
هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر،
توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي
اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون.
اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
(ستين اڳڪٿي: مصر جي دردناڪ پڇاڙي)
17جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 18”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا. 19تون کين چئُہ تہ
’اي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ حسين سمجھندڙ مصر وارؤ!
اوهين هاڻي پاتال ۾ اڻ‌طهريلن سان گڏ وڃي پوندا.
20اهو طئي ٿيل آهي تہ اوهان کي بہ
ٻين قتل ٿيلن وانگر جنگ ۾ قتل ڪيو ويندو.
اوهان سڀني کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تلوار تيار آهي.
21بهادر فوجي سالار ۽ اوهان جون اتحادي قومون
جيڪي اڳي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيون آهن،
سي اوهان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪري چونديون تہ
”واہ واہ! هي بہ اڻ‌طهريلن
۽ قتل ٿي ويلن سان گڏ اچي پاتال ۾ پيا آهن.“‘
22‏-23اشور جو بادشاهہ بہ اتي پاتال ۾ آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي ڪڏهن تہ جيئرن جي دنيا ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا، پر هاڻي اهي سڀ پاڻ جنگ ۾ مارجي ويا آهن ۽ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن.
24‏-25عيلام جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي پنهنجي دشمنن ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي اهي اڻ‌طهريل جي حالت ۾ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن ۽ جنگ ۾ قتل ٿي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار آهن.
26مسڪ‌توبل جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ سندس چوڌاري آهن. اهي سڀيئي اڻ‌طهريل دنيا ۾ دهشت ڦهلائيندا هئا، پر هاڻي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيا آهن. 27هنن کي پراڻي زماني جي بهادرن وانگر عزت ۽ احترام سان نہ دفنايو ويو. انهن بهادرن کي سندن جنگي هٿيارن سان دفنايو ويندو هو. سندن تلوارون سندن مٿن هيٺان ۽ ڍالون سندن سيني مٿان رکيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ تہ اهي دنيا ۾ پنهنجي بهادريءَ سبب دهشت جو باعث هئا.
28سو مصرين کي بہ چٿيو ويندو ۽ انهن کي بہ جنگ ۾ ماريل ٻين اڻ‌طهريلن سان گڏ پاتال جي تري ۾ وڌو ويندو.
29 ادوم جا بادشاهہ ۽ امير بہ ٻين قتل ٿيلن وانگر اتي پاتال ۾ وڌا ويندا. اهي طاقتور هئڻ جي باوجود جنگ ۾ ماريا ويندا ۽ ٻين اڻ‌طهريلن سان گڏ هوندا. 30اتر جا سڀيئي حاڪم توڙي سڀيئي صيدوني پڻ پاتال ۾ وڌا ويندا. ڏهڪاءُ وجھندڙ هئڻ جي باوجود اهي اڻ‌طهريل بہ اتي وڃي پوندا. هو ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار هوندا. 31جڏهن مصر جو بادشاهہ فرعون پاتال ۾ انهن سڀني کي اتي پوندي ڏسندو، تڏهن کيس پنهنجي ۽ پنهنجي لشڪر جي باري ۾ اها تسلي ٿيندي تہ نہ رڳو اهي ئي جنگ ۾ قتل ٿي وڃي پاتال ۾ پيا آهن، پر ٻين سان بہ ائين ئي ٿيو آهي.
32ڪنهن زماني ۾ مون خداوند ئي فرعون جي هٿان سڄي جهان جي ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ وڌو هو. پر هاڻي هو ۽ سندس لشڪر وارا قتل ڪيا ويندا ۽ کين اڻ‌طهريلن ۽ ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ پاتال ۾ وڌو ويندو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 32: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in