Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 31

31
(پنجين اڳڪٿي: مصر ديال جي وڻ مثل)
1جلاوطنيءَ جي يارهين سال، ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
’اي مصر وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ زورآور آهيو!
آءٌ اوهان کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟
3ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو
جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون،
جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو.
انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو
جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.
4انهيءَ کي ايترو تہ جھجھو پاڻي ٿي مليو،
جو اهو اونهي پاڙ هڻي وڏو ٿي ويو.
جنهن جاءِ تي اهو لڳايو ويو هو،
تنهن جي چوڌاري نهرون ٿي وهيون.
ان جي ڀرسان جيڪي نهريون وهي رهيون هيون،
تن ٻيلي جي ٻين وڻن کي بہ سيراب ٿي ڪيو.
5جھجھي پاڻيءَ ملڻ ڪري
اهو ديال جو وڻ ٻيلي جي سڀني وڻن کان قد ۾ وڌي ويو،
۽ ان جون ٽاريون ٿلهيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون.
6سڀني پکين انهيءَ جي ٽارين ۾ اچي پنهنجا آکيرا ٺاهيا،
سڀني جھنگلي جانورن بہ ٽارين هيٺ اچي پنهنجا ٻچا ڄڻيا،
۽ سڀيئي قومون اچي ان مضبوط وڻ جي ڇانوَ ۾ رهڻ لڳيون.
7اهڙيءَ طرح اهو وڻ پنهنجي بلنديءَ،
۽ ڊگھين ٽارين جي ڪري ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو،
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جون پاڙون پاڻيءَ جي بلڪل ويجھو هيون.
8 # پيد 2‏:9 مون خدا جي باغ وارا ديال جا وڻ بہ
انهيءَ وڻ جهڙا نہ هئا.
سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ بہ ان جي ٽارين کان ننڍا هئا.
مطلب تہ منهنجي باغِ عدن جا وڻ بہ
انهيءَ جهڙا خوبصورت نہ هئا.
9مون ٽارين جي گھڻائيءَ جي وسيلي
انهيءَ کي ايترو تہ سهڻو بڻايو هو،
جو منهنجي باغِ عدن ۾ جيڪي بہ وڻ هئا،
تن سڀني انهيءَ سان ريس ٿي ڪئي.
10سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي. 11انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري آءٌ کيس ڪڍي ڇڏيندس ۽ ٻين قومن مان هڪڙي زورآور حاڪم جي حوالي ڪري ڇڏيندس. اهو ئي ساڻس مناسب هلت ڪندو. 12انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِ‌زمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون. 13پوءِ سڀيئي پکي انهيءَ ڪريل وڻ تي اچي ويهندا ۽ سڀيئي جھنگلي جانور انهيءَ جي ٽارين جي مٿان پيا گھمندا. 14اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.
15جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا. 16جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ #31‏:16 باغِ عدن ۽ لبنان جا وڻ انهيءَ مان مراد اهي قومون آهن جيڪي اڳ ۾ پاتال ۾ پيل آهن.باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا. 17جيڪي قومون انهيءَ وڻ جي پاڇي هيٺ رهنديون هيون، سي بہ ساڻس گڏ هيٺ پاتال ۾ اچي پونديون ۽ انهن سان گڏ رهنديون جيڪي تلوار سان ماريا ويا هئا.
18سو اي مصر جا بادشاهہ! اهي سڀ ڳالهيون تو سان ۽ تنهنجي ماڻهن سان ٿينديون. تون ڪنهن وقت باغِ عدن جي سڀني وڻن کان وڌيڪ بلند ۽ مضبوط وڻ هئين، پر هاڻي تون عدن جي باغ وارن وڻن سان گڏ پاتال ۾ لاٿو ويندين. هائو، تون اڻ‌طهريلن ۽ تلوار سان ماريلن سان گڏ وڃي پوندين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 31: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in