Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 30

30
(ٽين اڳڪٿي: خدا جو مصر تي قهر نازل ڪرڻ)
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اڳڪٿي ڪندي اعلان ڪر تہ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ
’اي مصر وارؤ! روئو ۽ رڙيون ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ دهشت وارو ڏينهن اچي رهيو آهي.
3هائو، مون خداوند جو اهو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي،
جڏهن آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس.
اهو هڪڙو اونداهو ۽ سڀني قومن لاءِ مصيبتن جو وقت هوندو.
4انهيءَ ڏينهن مصر ملڪ تي تلوار اچي ڪڙڪندي،
۽ ملڪ ۾ قتلام ٿيندو.
انهيءَ جا بنياد ڊاهيا ويندا ۽ خزانا لٽيا ويندا.
بلڪ سوڊان ملڪ وارا بہ سخت مصيبت ۾ پئجي ويندا.
5سوڊان، لبيا، لود، ڪُوب ۽ ٻين قومن جا ڪرايي وارا سپاهي،
بلڪ بني اسرائيل جا ڪي ماڻهو پڻ ان جنگ ۾ ماريا ويندا.
6هائو، مصر ملڪ جا مددگار ماري ڪيرايا ويندا،
۽ مصر جي طاقت جو غرور ٽوڙيو ويندو.
آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ
اتر ۾ مجدال کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين
ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا ويندا.
7دنيا ۾ جيڪي ملڪ ويران ٿي ويا آهن،
تن کان مصر وڌيڪ ويران ٿي ويندو.
انهيءَ جا شهر ٻين ڊٺل شهرن کان وڌيڪ اجڙي ويندا.
8آءٌ مصر ملڪ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس،
جو انهيءَ جا سڀ مددگار ماريا ويندا،
تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
9جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ
پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس،
جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا.
هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن،
پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا.
ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي.
10‏-11آءٌ خداوند خدا بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جو لشڪر،
جيڪو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهي،
تنهن کي مصر ملڪ جي تباهيءَ لاءِ موڪليندس.
اهي پنهنجيون تلوارون ڪڍي
مصر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي نابود ڪري ڇڏيندا،
۽ هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيندا.
12آءٌ نيل نديءَ کي سڪائي ڇڏيندس،
۽ ملڪ بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
آءٌ ملڪ کي توڙي انهيءَ ۾ جيڪي ڪجھہ آهي،
سو سڀ ڌارين کان ويران ڪرائي ڇڏيندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“
13‏-16 خداوند خدا فرمايو تہ
”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس،
جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي،
۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو.
آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس،
هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس.
آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس،
۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس.
آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس،
انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس،
۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس.
سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي،
تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري
اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.
17اون ۽ في‌بست شهرن جا نوجوان
تلوار جي ڌار سان قتل ڪيا ويندا،
۽ ٻنهي شهرن جي باقي بچيل ماڻهن کي
آءٌ قيد ڪرائي جلاوطن ڪري ڇڏيندس.
18جڏهن آءٌ تحفنحيس شهر ۾
مصر جي حڪمرانيءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس،
تڏهن انهيءَ جو طاقت وارو فخر مٽجي ويندو،
۽ ان جا رهاڪو قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا.
ان وقت تحفنحيس شهر تي ڏينهن اونداهو ٿي ويندو،
بلڪ سڄي ملڪ تي اونداها ڪڪر ڇانئجي ويندا.
19اهڙيءَ طرح آءٌ مصر ملڪ کي سزا ڏيندس.
پوءِ اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
(چوٿين اڳڪٿي: مصر جي بادشاهہ جون ٻانهون ڀڃڻ)
20اسان جي جلاوطنيءَ جي يارهين سال، پهرئين مهيني جي ستين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 21”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مون مصر جي بادشاهہ فرعون کي شڪست ڏني آهي. هائو، مون هن جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي. ڏس، هاڻي ڪوبہ ناهي جيڪو سندس ٻانهن کي جوڙي ملم پٽي ڪري ۽ پٽيون ٻڌيس، تہ جيئن اها وري تلوار جھلڻ جهڙي طاقت وٺي. 22سو هاڻي آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ جي خلاف آهيان. آءٌ سندس ٻيئي ٻانهون، يعني جيڪا سڄي اٿس سا بہ ۽ جيڪا اڳي ئي ڀڳل اٿس، تنهن کي بہ وري ڀڃي ڇڏيندس. آءٌ سندس هٿ مان تلوار ڪيرائي وجھندس تہ جيئن هو اڳتي جنگ ڪرڻ جي لائق نہ رهي. 23مصرين کي آءٌ ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.
24آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ پنهنجي تلوار سندس هٿ ۾ ڏيندس. پر فرعون جون ٻانهون آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، ايتري قدر جو هو پنهنجي دشمن جي اڳيان ائين دانهون ڪوڪون ڪندو جيئن ڪو زخمي مرڻ جي ويجھو هوندي دانهون ڪندو آهي. 25بيشڪ جڏهن آءٌ کيس ڪمزور ڪندس ۽ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪري سندس هٿ ۾ پنهنجي تلوار ڏيندس، تڏهن اهو مصر ۾ قتلام ڪندو. 26پوءِ آءٌ مصرين کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 30: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in