Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 29

29
مصر جي خلاف ست اڳڪٿيون
(29‏:1‏–32‏:32)
(پهرين اڳڪٿي: مصر جي طاقت کي ختم ڪرڻ)
1 # يس 19‏:1‏-25، ير 46‏:2‏-26 اسان جي جلاوطنيءَ جي ڏهين سال، ڏهين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي تون پنهنجو رخ مصر جي بادشاهہ فرعون ڏانهن ڪر، ۽ هن جي ۽ سندس سڄي ملڪ مصر جي خلاف اڳڪٿي ڪر. 3تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين،
جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ
”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“
سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.
4آءٌ تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍيون اٽڪائيندس،
۽ تنهنجي ڇلڙن تي تنهنجيءَ نديءَ جون مڇيون چنبڙائيندس.
جڏهن آءٌ تنهنجي دريائن مان گهلي تو کي ٻاهر ڪڍندس،
تڏهن اهي سڀ مڇيون تنهنجي ڇلڙن تي چنبڙيل هونديون.
5آءٌ تو کي ۽ تنهنجي دريائن جي سڀني مڇين کي ماري
بيابان ۾ اڇلائي ڇڏيندس.
تون کُليل ميدان ۾ پيو هوندين ۽ تو کي دفن نہ ڪيو ويندو.
آءٌ تو کي جھنگلي حيوانن ۽ پکين جو کاڄ بڻائيندس.
6 # يس 36‏:6 تڏهن مصر جا سڀيئي رهاڪو ڄاڻي وٺندا
تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
تون بني اسرائيل قوم لاءِ رڳو ڪانن جي لٺ مثل آهين،
7ڇاڪاڻ تہ هنن جڏهن تو کي هٿ ۾ ٿي جھليو،
تڏهن تون ٽٽي ٿي پئين ۽ سندن ڪلها زخمي ڪري ٿي وڌءِ.
جيئن ڪانن جي لٺ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي،
۽ ٽيڪ ڏيڻ واري جي چيلهہ ڪمزور ٿي لڏي وڃي ٿي.
تيئن ئي جڏهن هنن تو تي ٽيڪ ٿي ڏني،
تڏهن تو هنن جي ڪابہ مدد نہ ٿي ڪئي.
8سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا. 9ايتري قدر جو تنهنجو ملڪ ويران ۽ اجڙيل بيابان ٿي ويندو، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
جيئن تہ تو دعويٰ ڪئي آهي تہ نيل ندي تنهنجي آهي ۽ تو انهيءَ کي بڻايو آهي، 10تنهنڪري هاڻي ياد رک، آءٌ تنهنجي ۽ تنهنجي نيل نديءَ جي وهڪرن جي خلاف آهيان. آءٌ مصر ملڪ کي اتر ۾ مجدال قلعي کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين بلڪ اڃا بہ اڳتي #29‏:10 سوڊان عبرانيءَ ۾ ”ڪُوش“ لکيل آهي. انهن ڏينهن ۾ هي علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو، جيڪو مصر جي ڏکڻ طرف آهي.سوڊان جي سرحد تائين بلڪل سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس. 11چاليهن سالن تائين انهيءَ علائقي ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو، بلڪ اتان ڪوبہ انسان توڙي حيوان ڪونہ لنگھندو. 12هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.
13چاليهن سالن جي گذرڻ کان پوءِ آءٌ خداوند خدا مصرين کي انهن ملڪن مان موٽائي آڻيندس، جن ملڪن ۾ کين ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو هئم. 14اهي وري پنهنجي وطن جي ڏاکڻي حصي جي فتروس نالي علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا. پر اتي سندن بادشاهت تمام ڪمزور هوندي. 15سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا. 16بني اسرائيل وري ڪڏهن بہ انهن تي نہ ڀاڙيندا. حقيقت ۾ جڏهن اهي ياد ڪندا تہ مصرين سان ڇا ڇا وهيو واپريو، تڏهن مڃيندا تہ هنن مصرين ڏانهن مدد لاءِ واجھائي وڏي بڇڙائي ڪئي هئي. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
(ٻي اڳڪٿي: نبوڪدنضر جو مصر تي قبضو ڪرڻ)
17اسان جي جلاوطنيءَ جي ستاويهين سال، پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ 18”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر صور شهر تي اچي حملو ڪيو ۽ گھڻي وقت تائين گھيرو ڪري ويهي رهيو. هن پنهنجي لشڪر جي سپاهين کان ايترو تہ ڳرو وزن کڻايو جو انهن جا مٿا گسي گسي گنجا ٿي ويا ۽ سندن ڪلها ڇلجي زخمي ٿي پيا. پر انهيءَ جي باوجود بہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر کي لٽ ڦر جو مال هٿ اچي نہ سگھيو. 19تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو مصر جو قيمتي خزانو لٽي ڦري کڻي ويندو ۽ اهو خزانو پنهنجي لشڪر کي سندن محنت جي اجرت طور ورهائي ڏيندو. 20آءٌ مصر جو ملڪ هن کي ۽ سندس لشڪر کي صور جي عيوض طور ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ سندن صور تي حملو منهنجي مرضيءَ سان ئي هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
21اي حزقي‌ايل! جنهن ڏينهن مصر ملڪ کي شڪست ملندي، تنهن ڏينهن آءٌ بني اسرائيل قوم کي مضبوط ڪندس ۽ هنن سان ڳالهائڻ جي تو کي طاقت عطا ڪندس. تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 29: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in