Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 28

28
صور جي بادشاهہ خلاف پيغام
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ
’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي،
تڏهن ئي تو چيو آهي تہ
”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾
پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“
هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين،
جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.
3تون سمجھين ٿو تہ تون #28‏:3 دانيال هي ماڻهو دانيال نبي نہ آهي، پر گھڻو ڪري ڪنعاني لکتن ۾ هڪڙو شخص آهي جيڪو نيڪ زندگي گذارڻ ڪري مشهور هو.دانيال کان بہ وڌيڪ داناءُ آهين،
۽ اهڙو ڪوبہ ڳجھہ ناهي جيڪو تو کان لڪل هجي.
4تو پنهنجيءَ ڏاهپ ۽ سمجھہ سان ئي
پنهنجي لاءِ مال ملڪيت هٿ ڪيو آهي،
۽ سون ۽ چانديءَ سان پنهنجا خزانا ڀري ڇڏيا اٿيئي.
5وڏيءَ ڏاهپ سان واپار ڪندي تو پنهنجي دولت کي وڌايو آهي.
تنهنجي انهيءَ دولت جي ڪري
تنهنجيءَ دل ۾ ڪيڏو نہ تڪبر اچي ويو آهي!
6انهيءَ ڪري آءٌ خداوند خدا تو بابت چوان ٿو تہ
جيئن تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين،
7سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس،
جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن.
هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر
تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.
8اتي ئي سمنڊ جي وچ ۾،
اهي تو کي تلوار سان ماري پاتال ۾ غرق ڪري ڇڏيندا.
9جڏهن تنهنجا قاتل تو آڏو اچي بيهندا
تہ پوءِ تون اڃا پاڻ کي خدا سڏائيندين؟
جڏهن تہ تنهنجا قاتل ڄاڻن ٿا تہ
تون خدا نہ بلڪ رڳو هڪڙو فاني انسان آهين.
10تون ڌارين ماڻهن جي هٿان ڪتي جي موت مرندين،
ڇاڪاڻ تہ مون خداوند خدا جو تو لاءِ اهو ئي فرمان آهي.‘“
صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو
11 خداوند وڌيڪ مون کي فرمايو تہ 12”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ لاءِ هي مرثيو ڳاءِ. هائو، چوينس تہ هن لاءِ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ
’اي صور جا بادشاهہ!
تون ڪڏهن ڪماليت ۾ يڪتا ۽ حسن ۾ ڪامل هئين،
13تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين.
هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ،
يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد،
نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا.
انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي
تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.
14مون تو کي پنهنجي پاڪ جبل تي،
چونڊيل پردار آسماني مخلوق جي حفاظت ۾ رکيو،
جتي تون آتشي پٿرن جي وچ ۾ گھمندو هئين.
15بيشڪ تون پنهنجي پيدائش جي ڏينهن کان ئي
منهنجو مڪمل فرمانبردار هئين،
پر بعد ۾ تو بدڪاريءَ وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا.
16تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي
ظلم سان ڀرجي ويو آهين.
هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو.
سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو،
۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي،
تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.
17تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين.
هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو.
تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو،
۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.
18تو پنهنجي گھڻي بدڪاريءَ ۽ واپار ۾ بي‌ايمانيءَ جي ڪري،
پنهنجي مذهبي پاڪ جاين کي بہ پليت ڪري ڇڏيو آهي.
تنهنڪري مون تنهنجي شهر کي
باهہ ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي جتي تنهنجو شهر اڏيل هو،
تتي هر ڪنهن کي رڳو رک ئي رک ڏسڻ ۾ ٿي اچي.
19ٻين قومن مان جيڪي ماڻهو تو کي سڃاڻين ٿا،
سي تنهنجو اهو حال ڏسي دهلجي ويا آهن.
تون ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو آهين،
۽ وري ابد تائين نابود ئي رهندين.‘“
ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري واري صيدا شهر جي خلاف پيغام
20 # يوا 3‏:4‏-8، زڪ 9‏:1‏-2، مت 11‏:21‏-22، لو 10‏:13‏-14 خداوند وري مون کي فرمايو تہ 21”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر. 22تون شهر جي رهاڪن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ
’اي صيدا وارؤ! آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.
آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي پنهنجو جلال ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس.
هائو، ان وقت ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
23آءٌ اوهان جي شهر ۾ وبا موڪليندس.
آءٌ هڪ قاتل لشڪر پڻ آڻيندس، جيڪو شهر ۾ هر طرف کان
حملا ڪندي گھٽين ۾ خونريزي ڪندو.
تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“
بني اسرائيل لاءِ برڪتون
24 خداوند فرمايو تہ ”جڏهن اهي اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، تڏهن هي قومون جيڪي بني اسرائيل جي آس‌پاس آهن ۽ جيڪي کانئن حقارت ٿا ڪن، سي وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل لاءِ چڀندڙ ڪنڊو يا ايذائيندڙ ڪانڊيرو ڪونہ رهنديون. پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ خداوند خدا آءٌ ئي آهيان.“
25 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو. 26انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آس‌پاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 28: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in