Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 27

27
صور شهر جي ايندڙ برباديءَ لاءِ مرثيو
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون صور شهر تي مرثيو ڳاءِ. 3اهو صور شهر جيڪو ڀونوچ سمنڊ جي لنگھن وٽ قائم آهي ۽ گھڻن ئي سامونڊي ملڪن لاءِ تجارت‌گاهہ آهي، تنهن جي #27‏:3 ايندڙ برباديءَ صور شهر جي اها بربادي حزقي‌ايل جي دور ۾ نہ ٿي بلڪ اٽڪل اڍائي سؤ سال بعد ۾ ٿي.ايندڙ برباديءَ بابت کيس مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ تہ
’اي صور شهر! تون ٻٽاڪ هڻي چيو آهي تہ
”آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.“
4بيشڪ، تون سمنڊ مٿان قائم هئين،
۽ تنهنجي اڏيندڙن تو کي خوبصورت جهاز جهڙو ٺاهيو هو.
5هنن تنهنجا سڀ ٻاهريان تختا
حرمون جبل جي صنوبر وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا.
تنهنجو کوهو جوڙڻ لاءِ
هنن لبنان مان ديال وڻ جو ڪاٺ آندو هو.
6تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي
شاهہ‌بلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا،
۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي
تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.
7تنهنجو سِڙهہ
سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو،
جيڪو مصر مان آندو ويو هو،
انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي.
تنهنجو شاميانو
عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو،
جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.
8تنهنجا ونجھہ هلائڻ وارا
صيدا ۽ اروَد شهرن جا رهاڪو هئا.
اي صور! تنهنجا پنهنجا ڏاها ماڻهو تنهنجا ناکئا هئا.
9جِبل شهر جا تجربيڪار ماڻهو ۽ اتي جا ڏاها ماڻهو
تنهنجي سار سنڀال رکندا هئا،
۽ تو ۾ پيل سوراخن جي مرمت ڪندا هئا.
سمنڊ جا سڀ جهاز ۽ انهن جا خلاصي تو وٽ ايندا هئا،
انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي واسطي تجارت جو ڪم ڪن.
10فارس، لود ۽ لبيا جا ماڻهو
تنهنجي لشڪر جا بهادر سپاهي هئا.
انهن جي ڍالن ۽ جنگي ٽوپن جي ڏسڻ سان
تنهنجو شان وَ شوڪت وڌيو پئي.
11اروَد جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان گڏ
چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پهرو ڏيندا هئا،
۽ جماد جا ماڻهو تنهنجي ٺُلهن تي پهرو ڏيندا هئا.
هنن چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پنهنجا هٿيار ٽنگي ڇڏيا هئا،
جنهن سان تنهنجو حسن ڪامل ٿي پيو هو.
12تون واپار جو هڪڙو وڏو مرڪز هئين،
۽ هر طرح جي مال جي تو وٽ گھڻائي هئي.
تنهنڪري ترسيس جا واپاري تنهنجي بازارن ۾
چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهو آڻي واپار ڪندا هئا.
13توبل، مسڪ ۽ يونان وارن واپارين بہ
تو سان تجارت ٿي ڪئي.
هو واپار لاءِ ٻانها ٻانهيون ۽ پتل جا ٿانوَ تو وٽ آڻيندا هئا.
14بيت‌تُجرماہ وارا تنهنجي بازارن ۾ گھوڙا ۽ خچر آڻيندا هئا.
15روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا.
ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون
تنهنجي شين جي بدلي ۾
آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.
16تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو.
تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو،
چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو،
مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.
17يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ
تو سان واپار ڪندا هئا.
هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج،
ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.
18آران جي شهر دمشق وارا بہ
تنهنجي گھڻين ڪاريگريءَ جي شين،
۽ هر طرح جي مال جي گھڻائيءَ سبب تو سان واپار ڪندا هئا.
هو تنهنجي شين جي بدلي حلبون ڳوٺ جو شراب، اڇي پشم،
19اوزال جي مئي جا ڊرم، گھڙيل لوهہ ۽ مصالحا بہ
تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا هئا.
20ددان شهر جا ماڻهو گھوڙي جي پٺيءَ تي رکڻ وارا گدا آڻي
تنهنجي بازارن ۾ واپار ڪندا هئا.
21عرب ۽ قيدار علائقن جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا،
۽ رڍون ۽ ٻڪريون آڻي تو سان واپار ڪندا هئا.
22شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري
هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون،
مختلف قسمن جا قيمتي پٿر،
۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.
23شبا جي واپارين کان علاوہ
حاران، ڪنہ، عدن، اشور ۽ ڪلمد شهرن جا واپاري پڻ
تو سان واپار ڪندا هئا.
24اهي ڪمخواب جا عمدا ڪپڙا،
آسماني چڪندوزيءَ جي ڪم سان ڀريل جُبا،
۽ ٻيون قيمتي پوشاڪون، رنگين غاليچا ۽ مضبوط رسا
تنهنجي بازارن ۾ واپار لاءِ آڻيندا هئا.
25 # مڪا 18‏:11‏-19 ترسيس جا وڏا جهاز
تنهنجي تجارتي مال لاءِ استعمال ٿيندا هئا.
اي صور! تون سمنڊ ۾ انهيءَ جهاز جيان هئين،
جيڪو ڀاري مال سان ڀريل هجي.
26تنهنجي ونجھہ هلائڻ وارن تو کي اونهي پاڻيءَ ۾ آندو آهي.
پر اوڀر کان گھلندڙ واءُ تو کي وچ سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.
27سو تنهنجو مال متاع، تنهنجو تجارت وارو سامان،
تنهنجا وانجھي توڙي ناکئان،
تنهنجي مرمت ڪندڙ تو ڙي مال جا سوداگر،
تو ۾ موجود سڀ جنگي جوڌا،
هائو، اهو پورو ٽولو جيڪو تو ۾ موجود هو،
سي سڀيئي تنهنجي برباديءَ واري ڏينهن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.
28تنهنجي ٻڏندڙ ناکئاين جون رڙيون ٻڌندي
ڪناري وارا سڀ ماڻهو خوف وچان ڏڪن ٿا.
29ٻين جهازن جا سڀيئي وانجھي توڙي خلاصي ۽ سمورا ناکئان
پنهنجن جهازن مان نڪري خشڪيءَ تي اچي بيٺا آهن.
30اهي وڏي آواز سان تنهنجي اهڙي حال تي
زاروزار روئي رهيا آهن.
هنن پنهنجن مٿن ۾ خاڪ وڌي آهي،
۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پيا پائين.
31تنهنجي ڪري هنن وار ڪوڙايا آهن،
۽ پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا اٿائون.
هو تنهنجي ارمان ۾ درد وچان
روئندي رڙندي تو لاءِ ڏاڍو ماتم ٿا ڪن.
32هو واءِ‌ويلا ڪندي تو تي هي مرثيو ڳائيندي چون ٿا تہ
”هاءِ! اي صور شهر! هاءِ! اهڙو ڪير آهي
جيئن تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ مناري جيان بيٺو هئين؟
33اي صور! جڏهن تنهنجو تجارت وارو مال
سمنڊ جي رستي سان ايندو ويندو هو،
تڏهن تنهنجي انهيءَ مال سان
گھڻيون ئي قومون مالا مال ٿي ٿيون.
تو پنهنجي جھجھي دولت ۽ تجارتي مال جي گھڻائيءَ سان
دنيا جي بادشاهن کي دولتمند بڻائي ڇڏيو.
34مگر هاڻ پاڻيءَ جي زور تو کي اونهي سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.
سو تو سان گڏ تنهنجو تجارت وارو مال،
۽ ماڻهن جا ٽولا بہ غرق ٿي ويا آهن.“
35آس‌پاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو
اهو ڏسي دهلجي ويا آهن.
سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي،
۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.
36سڄي دنيا جا سوداگر تو تي افسوس وچان شوڪارا ٿا ڀرين.
تون سڀني لاءِ عبرت جي نشاني بڻيو آهين،
۽ هاڻي ابد تائين تون فنا ئي رهندين.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 27: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in