26
ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽ واري شهر صور جي خلاف پيغام
1 #
يس 23:1-18، يوا 3:4-8، عا 1:9-10، زڪ 9:1-14، مت 11:21-22، لو 10:13-14 اسان جي جلاوطنيءَ جي يارهين سال، #26:1 مهيني جي پهرين تاريخ اصلي مواد يعني عبرانيءَ ۾ مهيني جو نالو لکيل نہ آهي.مهيني جي پهرين تاريخ خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ
’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي!
جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو،
سو ويران ٿي ويو آهي.
هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو،
ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘
3تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ
’ياد رک، اي صور شهر!
آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.
آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس،
۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.
4اهي تنهنجا ڪوٽ ڪيرائي وجھندا،
۽ تنهنجا ٺُلهہ ڊاهي ڇڏيندا.
آءٌ تنهنجو باقي بچيل ڍير بہ کڻائي ڇڏيندس،
۽ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.
5تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين،
جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا.
اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
هائو، اي صور شهر!
تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،
6۽ جيڪي تنهنجي سامهون سمنڊ جي ڪناري وارا ڳوٺ آهن،
تن جي رهاڪن کي بہ قتل ڪيو ويندو.
پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
7آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ
’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر،
اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس.
سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار،
۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.
8پهريائين اهو تنهنجي آسپاس
سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن تي حملو ڪندو،
۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو.
پوءِ اهو تنهنجي ڪوٽ وارين ڀتين آڏو،
مٽيءَ جا دِڪا ٺهرائي مورچا اڏيندو،
۽ تو تي حملو ڪرڻ لاءِ پنهنجي لشڪر جون ڍالون
مضبوط ڀت جيان کڙيون ڪرائيندو.
9هو تنهنجي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ مشينون بيهاريندو،
۽ پهريدارن جي ٺُلهن کي لوهي سيخن سان ڊهرائي ڇڏيندو.
10هن وٽ ايترا تہ گھڻا گھوڙا هوندا
جو انهن جي سنبن مان اڏامندڙ مٽي تو کي ڍڪي ڇڏيندي.
جيئن ماڻهو ڀت ڀڃي شهر ۾ گھڙندا آهن،
تيئن هو تنهنجي دروازن مان اندر گھڙي ايندو،
۽ سندس گھوڙي سوارن، گاڏن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين
جي ڌڌڪي سان تنهنجيون ڀتيون لڏي وينديون.
11هن جي لشڪر جا گھوڙا
تنهنجيون سڀيئي گھٽيون لتاڙي ڇڏيندا.
هن جا جنگي جوڌا تنهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا،
۽ تنهنجي مضبوط ٿنڀن کي ڊاهي ڪيرائي ڇڏيندا.
12تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا،
۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا.
هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا،
۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا.
پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر،
بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.
13 #
مڪا 18:22
آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس،
۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
14آءٌ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس،
جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا.
تو کي وري ڪڏهن بہ نہ اڏيو ويندو.‘
اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
15 خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آسپاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا. 16#مڪا 18:9-10 سامونڊي ملڪن جا سڀيئي بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجي شاهي قبا ۽ ڀرت ڀريل پوشاڪ لاهي ڇڏيندا. پوءِ هو ڏڪندي هيٺ خاڪ تي ويهي رهندا. تنهنجي شڪست جي خبر ٻڌي کين اهڙو تہ صدمو وٺي ويندو، جو اهي خوف وچان پيا ڏڪندا رهندا. 17هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ
’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر،
ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي!
جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ
سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي،
۽ آسپاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.
18پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي،
۽ آسپاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو
انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.
19بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون. 20تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي. 21#مڪا 18:21 آءٌ تنهنجي پڇاڙي ڏاڍي ڀيانڪ ڪندس، ايتري قدر جو تون بلڪل نابود ٿي ويندين. ماڻهو تو کي ڏسڻ لاءِ ايندا پر تون کين ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندين.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“