Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 25

25
خداوند جا قومن جي خلاف تباهيءَ جا پيغام
(25‏:1‏–32‏:32)
عمونين جي خلاف پيغام
1 # ير 49‏:1‏-6، حز 21‏:28‏-32، عا 1‏:13‏-15، صف 2‏:8‏-11 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! #25‏:2 عمونين عمون، موآب ۽ ادوم جا علائقا بني اسرائيل قوم جي اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي اوڀر ۾ هئا.عمونين ڏانهن ڌيان ڏي ۽ سندن خلاف اڳڪٿي ڪر. 3کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون. 4تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ اهي اچي اوهان جي ملڪ تي قبضو ڪن ۽ اوهان جي ملڪ ۾ پنهنجا خيما کوڙي رهي پون. اهي اوهان جي ملڪ جا ميوا کائيندا ۽ کير پيئندا. 5آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 6اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ. 7تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“
موآبين جي خلاف پيغام
8 # يس 15‏:1‏–16‏:14، 25‏:10‏-12، ير 48‏:1‏-47، عا 2‏:1‏-3، صف 2‏:8‏-11 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! جيئن تہ موآب جي ماڻهن طعنا هڻي چيو آهي تہ ’واہ! يهوداہ وارا بہ تہ عام قومن وانگر ٿي ويا آهن!‘ 9تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيت‌يسيموت، بعل‌معون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن. 10ٻئي پاسي آءٌ موآب ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن ساڳين قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيئن عمونين کي سندن حوالي ڪندس، جن جو نالو نشان ئي قومن ۾ نہ رهندو. 11جڏهن آءٌ موآبين کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
ادومين جي خلاف پيغام
12 # يس 34‏:5‏-17، 63‏:1‏-6، ير 49‏:7‏-22، حز 35‏:1‏-15، عا 1‏:11‏-12، عبد 1‏:14، ملا 1‏:2‏-5 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! ادوم جي ماڻهن وڏي بڇڙائي ڪري يهوداہ وارن کان وير ورتو. هائو، انهن کانئن بدلو وٺي هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي. 13تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. 14آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي هٿان ادومين کان پنهنجو بدلو وٺندس. اهي منهنجي قهر ۽ غضب موجب ادومين سان سلوڪ ڪندا. تڏهن ادوم وارن کي معلوم ٿي ويندو تہ منهنجو انتقام ڇا ٿيندو آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
فلستين جي خلاف پيغام
15 # يس 14‏:29‏-31، ير 47‏:1‏-7، يوا 3‏:4‏-8، عا 1‏:6‏-8، صف 2‏:4‏-7، زڪ 9‏:5‏-7 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. 16تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا. 17آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 25: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in